نيويارڪ (دلچسپ نيوز)جيڪڏهن اوهان پنهنجي واٽس ايپ تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کي ڳجهو رکڻ چاهيو ٿا ته ان جو هڪ سولو طريقو پاڻ واٽس ايپ طرفان ئي پنهنجي واهپيدارن کي فراهم ڪيو ويو آهي.واٽس ايپ ۾ هڪ اهڙو فيچر آهي جنهن کان گهڻا ماڻهو واقف نه آهن ان فيچر ۾ اوهان پنهنجي واٽس ايپ کي فنگر پرنٽ يا فيس لاڪ لڳائي سگھو ٿا ته جيئن جيڪڏهن اوهان جو فون ڪنهن ٻي جي هٿ اچي ته هو اوهان جو واٽس ايپ نه کولي سگھي.واٽس ايپ جو اهو فيچر آءِ او ايس ۽ اينڊرائيڊ ٻنهي واهپيدارن لاءِ موجود آهي، اينڊرائيڊ واهپيدارن کي اهو فيچر ايڪٽو ڪرڻ لاءِ سيٽنگز ۾ وڃي اڪائونٽ ۽ پوءِ پرائيويسي جي آپشن ۾ وڃڻو پوندو.اتي اوهان کي فنگر پرنٽ لاڪ جو آپشن نظر ايندو، اتان ان کي آن ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجو فنگر پرنٽ ڪنفرم ڪيو ان کان پوءِ اوهان لاڪ جي ٽائيمنگ به سيٽ ڪري سگھو ٿا واٽس ايپ کليل رهڻ تي ڪيتري دير بعد پاڻمرادو بند ٿي وڃي.آءِ او ايس واهپيدارن به سيٽنگز ۾ وڃي اڪائونٽ ۽ پوءِ پرائيويسي ۾ وڃي، اتي آخر ۾ اوهان کي اسڪرين لاڪ جو آپشن نظر ايندو، ان ۾وڃي اوهان ”ٽچ آءِ ڊي“ يا ”فيس آءِ ڊي“ ذريعي واٽس ايپ کي لاڪ يا ان لاڪ ڪرڻ جي چونڊ ڪري سگھو ٿا.ان جو دارومدار اوهان جي آءِ فون ماڊل تي به هوندو. اوهان اينڊرائيڊ آءِ او ايس تي ان فيچر کي ڪهڙي به وقت بند ڪري سگھو ٿا.