پاڪستان جي معيشيت،آمريڪا ۽ چين  جو ڪردار

0
260
پاڪستان-جي-معيشيت،آمريڪا-۽-چين-جو-ڪرد

 ڪتاب “جنگ جو فن” سڀ کان پهريان چيني  زبان ۾ جنرل سن تزو لکيو جنهن جو انگريزي زبان ۾ ترجمو ليونل جائلز ڪيو. گذريل سال هن ڪتاب جو اردو ۾ ترجمو غلام جيلاني خان ڪيو آهي هن ڪتاب ۾ جنگين جي  فن جي باري ۾ ڪافي سٺي ڄاڻ ڏنل آهي، اهو ئي سبب آهي جو هي ڪتاب تاريخي، پراڻو ۽ اهم سمجهيو وڃي ٿو. هن ڪتاب جي پهرئين صفحن تي جنگ جي باري ۾ جيڪي اهم مشهور اصول لکيل آهن انهن ۾ هڪ تھ تمام جنگين جو بنياد دوکو ۽ فريب آهي ٻيو  اهم ته جنگ جو مقصد جنگ جي گهڻي وقت تائين جاري رکڻ ناهي پر جنگ  ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ آهي، ٽين اهم ڳالھھ جيڪا بيان ڪيل آهي اها ته جنهن جرنل کي اها خبر هجي ته ڪنهن تي حملو ڪرڻو آهي ۽ ڪنهن کي بچائڻو آهي اهو جنگ جو ڪامياب جرنل لکيو ويندو آهي.

                 دنيا ۾ جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي هوندي پر هن کي وڌائڻ ۽ انهي جي پويان لڪل ٻيا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ وڙهي ويندي آهي ۽ جنگ ۾ ماريندڙ ۽ مرندڙ اڪثر وچولي طبقي جا مظلو ماڻهو ئي هوندا آهن جيڪي اميرن،سرمائيدارن،جاگيردارن جي بک جو کاڄ بڻجي ويندا آهن.ٻي سرد ​​جنگ، سرد جنگ II، يا نئين سرد جنگ اهي اصطلاح پهريان ته روس آمريڪا جي وچ ۾ ٻي جنگ عظيم کان پوءِ شروع ٿيا آهن ۽ اهي خيال جيڪي 21 هين صدي ۾ وڌندڙ سياسي، سماجي، نظرياتي، معلوماتي ۽ فوجي ڇڪتاڻ ڏانهن اشارو ڪن ٿا، هاڻي  اهو اصطلاح آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جي تناظر ۾ استعمال ٿيندو.

چين جي گهرو ويڙهه دوران سرزمين چين ۾ مائو زيڊونگ جي چيني ڪميونسٽ پارٽي (سي سي پي) جي فتح کان پوءِ، لاڳاپا هنن ملڪن جا  خراب ٿيا. آمريڪا ۽ چين 1950ع کان 1953ع تائين ڪوريا جي جنگ ۾ سخت پر مقامي غير اعلانيل جنگ ۾ وڙهيا آهن.چين جي آبادي آمريڪا جي ڀيٽ ۾ چار ڀيرا وڌيڪ آهي. تنهن ڪري ان جي معيشت آمريڪا جي پيماني تي اڳتي وڌي سگهي ٿي چين جي جي ڊي پي في شخص کي آمريڪا جي ڪل جي ڊي پي جي صرف هڪ چوٿين تائين پهچڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ان جي ڪل GDP دنيا ۾ سڀ کان وڏي بڻجي وڃي.آمريڪا دنيا جو سپر پاور ملڪ طور ٻي جنگ عظيم کان پوءِ سامهون آيو هو جنهن سڄي سنسار ۾ امن امان ڪرائڻ جو ٺيڪو کنيو پر امن جو پکي اڃا تائين ڪوهين ڏور بيٺل نظر آيو آهي.

موجوده وقت ۾ آمريڪا ۽ چين جي سياسي سماجي،معاشي ۽ سڀ کان وڌيڪ نظرياتي اختلاف سامهون آيا آهن جيڪي  ڏينهون ڏينهن زور وٺي رهيا آهن هنن ٻنهي ملڪن جي خارجه پاليسي ۾ وڌندڙ ڪشيدگي ڪٿي وڃي دنگ ڪندي اهو ته ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو پر اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته چين ۽ آمريڪا جو جهيڙو دنيا سان گڏ پاڪستان جي لاءِ وڏي امتحان کان گهٽ نه آهي انهي ڪشمڪش ۽ معاشي ۽ نظرياتي ويڙھھ ۾ پنهنجي پياري ملڪ کي پنهنجا قدم توري تڪي کڻڻا پوندا ۽ وقت ۽ احساسيت کي سمجهي هلڻو پوندو.

تازو ئي پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو جي آمريڪي  هم منصب نٿوني بلنڪن سان ملاقات ٿي جنهن ۾ آمريڪي وزير خارجه پاڪستان تي زور ڀريو آهي ته  هو ڀارت سان چين جا تعلقات بهتر ڪرائي ۽ قرضن ۾ پڻ نرمي ڪرائي. هاڻي اهو پاڪستان تي منحصر ڪري ٿو ته هو چين جي پنهنجي  پاڙيسري ملڪ جي ڪيتري خدمت ڪري ٿو. چين سوشلسٽ بلاڪ جو هڪ سپر پاور ملڪ بڻجي چڪو آهي جنهن پنهنجا پوري دنيا ۾ ڪيترائي اتحادي به ٺاهي ڇڏيا آهن جيڪي ڪنهن به ڏکي وقت ۾ هن سان گڏ گڏ هوندا. ڪجھھ ڏينهن پهريان ئي پاڪستان جي وزير  راڻا ثناالله عراق جي پرڏيهي سفير حامد عباس سان چين جي مهرباني سان سي پيڪ تحت معاهدو ڪيو جنهن ۾ هاڻي پاڪستان جا زائرين عراق  وڃڻ لاءِ هن روٽ کي استعمال ڪري سگهن ٿا. هن کي پاڪستان عراق پلگرم  معاهدي جو نالو ڏنو ويو آهي اهڙا ڪافي فيصلا ۽ معاهدا چين ۽ پاڪستان جا ٿيل آهن جن جي ڪري هو ماضي سان گڏ مستقبل ۾ به هڪ نظر ايندا.آمريڪاظاهري طور بين الاقوامي دنيا ۾ اڪيلائي جو شڪار نظر اچي رهيو آهي جنهن جو ايندڙ وقت ۾ ڪو مستقل دوست به نظر نٿو اچي ۽ ويتر هن جي ويگاڻپ لاءِ معاشي پاليسي ۽ چين جو دنيا ۾ وڌندڙ اثر هڪ وڏو چئلينج بڻجي رهيو آهي جنهن مان آمريڪا جلدي ۾ نڪرندي نٿو نظر اچي.

چين جي اعليٰ ڪامرس آفيسر جو چوڻ آهي ته آمريڪا جو پنهنجي چين جي واپاري پارٽنر کانسواءِ زنده رهڻ ممڪن ناهي، ھي دنيا جي وڏي معيشتن مان هڪ آهي.

معاشي حوالي سان پاڪستان لاءِ بهترين موقعو آهي ته هو آمريڪا ۽ چين جي ڪشيدگي کي ختم ڪرائڻ ۾ پنهنجو موثر  ڪردار ادا ڪري، هن ٻنهي ملڪن مان معاشي طور فائدا حاصل ڪري پنهنجي معيشت جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي تاري، وقت وري پاڪستان جي حق ۾ فيصلو ڪيو آهي جنهن جو وڏو سبب اسانجي ملڪ جي جاگرافيائي آهي.

 

[email protected]