اچو ته ٻولي جي جاڳرتا مهم ۾ شامل ٿيون

0
491
مخلوق خدا جو مورت مارچ

 پاڪستان جو هن وقت واحد صوبو سنڌ آهي جتي گهڻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهو رهن ٿا، يقينن ٻين صوبن ۾ به مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهو رهندا هوندا، پر سنڌ جي گادي واري هنڌ ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين هر هنڌ تي سنڌ جي اصلوڪن رهواسين جي ٻولي کانسواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي ٻين صوبن ۽ ملڪن جون ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهو رهن ٿا، اتي مختلف ٻولين جي ڳالهائيندڙن وچ ۾ رابطي لاءِ مختلف ٻولين جي ڄاڻ ۽ ڳالهائڻ جو ڏانءُ ضروري آهي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ سنڌ جي دفتري ٻولي سنڌي وارو قانون پاس ٿيل آھي.

                 ٻولي اٿارٽي انھي تي عمل لاءِ جيڪا جدوجھد شروع ڪئي آھي انھي جا يقينن بھتر نتيجا سامھون ايندا . سنڌي ٻولي اٿارٽي پاران سنڌ ۾ سنڌي ٻولي عام ڪرڻ لاءِ خاص طور تي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي لازمي پڙهائڻ لاءِ جيڪا مهم شروع ڪئي وئي آهي، انهي جا مثبت نتيجا نڪرندا، انهي جاڳرتا مهم مان ئي پتو پوي ٿو ته هاڻي ٻولي اٿارٽي انتظاميا سنجيدگي سان اهو ڪم شروع ڪيو آهي، جيڪو ٻولي اٿارٽي جي بنياد وقت ڪرڻ گهرجي  ها،

ڇاڪاڻ جو هن اداري جو قيام انهي ڪري عمل ۾ آيو هو ته سنڌ جي ادارن ۾ سنڌي ٻولي دفتري ٻولي طور لاڳو ڪجي، جيڪڏهن ان وقت انهي تي سنجيدگي سان ڪم ٿئي ها ته شايد اڄ ٻولي کي ختم ٿيڻ جو خطرو درپيش نه اچي ها ۽ نه ئي اسان کي ايڏو پريشان ٿيڻو پوي ها پر وري به دير آيد درست آيد واري چواڻي تحت جيڪڏهن هاڻي به انهي تي ڪم ٿيو آهي ته انهي ڪم کي نتيجا خيز بنائڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي. سنڌ ۾ خانگي اسڪولن جي  رجسٽريشن واري فارم بي ۾ اھو واضح لکيل آھي ته جيڪو تعليمي ادارو رجسٽر  ٿي پيو اھو پنهنجي اداري ۾ سنڌي يقيني طور پڙھائيندو ، اهو شرط 2005ع کان لاڳو آهي پر انهي تي به ان ريت عمل نه ٿيو هو، جنهن ريت ٿيڻ گهرجي، پوءِ جڏهن موجوده تعليم وارو وزير هن کان اڳ ۾ بطور وزير تعليم آيو ته هن سڀ کان پهرين اسان کي هدايت ڪئي ته خانگي تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي پڙهائڻ وارو عمل يقيني بڻايو،

انهي لاءِ جيڪي به قدم کڻڻا پون اهي کڻو. ايستائين جو تعليم واري وزير سيد سردار شاهھ کي مان ته جس ڏيان ٿي جنهن نه رڳو اسان کي سنڌي ٻولي يقيني بنائڻ لاءِ دٻاءَ وڌو پر اسان کي اهي اسانجا اختيار  به استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏنائين جيڪي اختيار هوندي به اسين بي اختيار هوندا هئاسين. جڏهن ڪنهن به کاتي جو ڪو اڳواڻ يا سربراهھ پاڻ عملي طور ميدان ۾ لهي ٿو انهي جي پٺيان هلندڙ عملو يقينن انهي رستي تي هلڻ ۽ ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ دير نه ڪندو.  انهي زماني ۾ به اسان خانگي اسڪولن کي خط لکي دٻاءُ وڌو ته سنڌي نه پڙهائيندڙ اسڪول جي رجسٽريشن معطل ڪنداسين،

سياسي حڪومتن جا پنهنجا فيصلا هجن ٿا ۽ وري هڪ ڀيرو ٻيهر سردار علي شاهھ وزير تعليم ٿي آيو آهي، جنهن قلمدان سنڀاليندي ئي سنڌي پڙهائڻ واري معاملي جي پهرين پڇا ڪئي، اسان انهي جي هدايتن تي تازو وري انهن سمورن تعليمي ادارن کي خط لکي سنڌي ٻولي پڙهائڻ کي يقيني بنائڻ لاءِ ڪوششون به ڪيون ٿا ته انهن کي خط به لکون ٿا ۽ پاڻ وڃي وزٽ به ڪريون ٿا. پر خانگي اسڪولن ۾ اردو ۽ سنڌي ٻنھي زبانن کان وڌيڪ انگريزي طرف توجهه آھي انهي ڳالهه جو مان اعتراف ڪيان ٿي پر ان جو سبب اھو آھي ته اسان والدين جي به اھا ئي ڊمانڊ آھي ته اسانجو ٻار انگريزي پڙھي.مون کي ذاتي طور خبر آھي ته ڪيترا ئي اسانجا سنڌي گهراڻا آھن جتي گھرن ۾ به ٻارن سان والدين انگريزي ڳالھائين ٿا انھي ڪري اھي والدين جيڪي اردو يا سنڌي ڳالهائيندڙ آھن اھي خانگي اسڪولن کي فيس ادا ڪرڻ باوجود ٻارن کي انھن جي مادري ٻولي پڙھائڻ لاءِ پريشر نٿا وجھن.  اھي انگريزي ۾ فخر محسوس ڪن ٿا.

سٺي ڳالهه آھي ته انگريزي، اردو،  پشتو،  بلوچي، سرائيڪي سڀئي ٻوليون سيکاريو  پر پنهنجي مادري ٻولي کي ته محفوظ بڻايو، جيئن اسانجي مادري ٻولي به مارڪيٽ جي ٻولي بڻجي ۽ ٻيون ٻوليون ڳالھائيدڙن جي سنڌي سکڻ به مجبوري بڻجي وڃي. ٻيو ته  اھو به سچ آھي ته تعليم کاتي به سنڌي ٻولي پڙهائڻ بابت ڪا چڱي حڪمت عملي جوڙي ناھي. ڪراچي کان باقي سنڌ جو تعليمي نظام بلڪل مختلف آھي ڪراچي جي سرڪاري ڪاليجن ۾ انٽر ۾ سنڌي شامل ئي ناھي باقي سڄي سنڌ ۾ آھي.ايئن پرائمري سرڪاري اسڪولن ۾ سنڌي لازمي طور شامل ته آھي پر اتي آسان سنڌي پڙھائي وڃي ٿي،

ڇاڪاڻ جو انھن اسڪولن ۾ پڙھائيندڙ عملي کي انھي لاءِ پابند ئي ناھي ڪيو ويو ته اھي لازمي سنڌي پڙھائين. رڳو خانا پوري لاءِ سبجيڪٽ شامل ڪيو وڃي ٿو، اھا انتظامي ٻه اکيائي به ختم ٿيڻ گھرجي،هر صورت ۾ سنڌي لازمي ڪرائڻ گهرجي ته جيئن سرڪاري اسڪولن ۾ ته گهٽ ۾ گهٽ سرڪاري ادارن جي رٽ قائم ٿئي. ٻولي اٿارٽي  جيڪو اڄ ڪم ڪري پئي اهو اسان جي مستقبل کي محفوظ بنائڻ جي جدوجهد آهي،انهي حوالي سان ڪجهه ڏينهن اڳ حيدرآباد جي سنڌ ميوزيم ۾ ٻولي اٿارٽي چي چيئرمين ڊاڪٽر اسحاق سميجو پاران ڪوٺايل شاندار پروگرام ۾ سنڌ جي ناميارن اديبن ، دانشورن ۽ ٻولي ماهرن شرڪت ڪري، پنهنجي قيمتي راءِ جو اظهار ڪيو، انهي پروگرام ۾ خاص ڳالهه اها هئي ته ٻولي اٿارٽي شرڪت ڪندڙن کي ڪا به گاڏي يا ٻي ڪا اچڻ وڃڻ جي سهولت ڪونھ ڏني هئي پر اهي ماڻهو پنهنجي دلچسپي جي تحت انهي ۾ شريڪ ٿي، نوجوانن جو هڪ وڏو انگ اتي موجود هو ۽ عورتون به پنهنجي ٻارن کي ھنج ۾ کڻي ويٺل نظر آيون.  اھو ڏسي مونکي اھو محسوس ٿيو ته ٻولي اٿارٽي ھي جيڪا مھم ھلائڻ چاھي ٿي انھي مھم سان ماڻهن جو پاڻمرادو لڳاءَ آھي.

ٻولي اٿارٽي کي ان قسم جو پروگرام حيدرآباد کانپوءِ ڪراچي ۾ به ڪرڻ گھرجي جنھن ۾ ڪراچي جي خانگي اسڪولن جي انتظاميا کي دعوت ڏئي سنڌي ۽ اردو ڳالھائيندڙن وچ ۾ ڪميونيڪشن گيپ ختم ڪري انتظاميا کي اھو احساس ڏيارجي ته ڪنهن به ٻولي سان دشمني ناھي پر ٻار پنھنجي مستقبل لاءِ جيتريون وڌيڪ ٻوليون سکندو ايترو ٻار کي فائدو ٿيندو.  اسان وٽ سرڪاري سطح تي به سـنڌي ٻولي سان زيادتي ٿئي ٿي.

سرڪاري آفيسن جو پٽيوالو يا ڊرائيور جيڪڏهن پڙھيل ئي پنج درجا آھي ھن کي بدلي ڪري ڪنهن  ٻئي ھنڌ رکيو وڃي ته اھو پاڻ به پنهنجو آرڊر ئي نٿو پڙھي سگھي ته کيس ڪٿي مقرر ڪيو ويو آھي.  اھڙي ريت عدالتن جا فيصلا انگريزي ۾ ھجن ٿا ڪورٽ ۾ وڪيل ۽ جج انگريزي ۾ ڳالھائين ٿا ۽ پوءِ جنهن جوابدار کي ڦاھي جي سزا به اچي ٿي ته ھن کي ڪا خبر نٿي پوي ته ھن تي ڏوھھ ڪيئن ثابت ٿيو ۽ کيس ڦاھي جي سزا ڪھڙي پوائنٽ تحت آئي آھي.  سو منهنجون ڪجهه تجويزون آھن ته سنڌي ٻولي جو ھي ادارو سپريم ڪورٽ  ۽ ھاءِ  ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط لکي عدالتي فيصلا سنڌي يا اردو ۾ لکڻ جي اپيل ڪري  ۽ سنڌ سيڪريٽريٽ سميت سمورا اھم ادارا ڪراچي ۾ آھن.

ٻولي اٿارٽي جي ڪا ڪيمپ آفيس ئي سھي پر ڪراچي ۾ ھجڻ گھرجي، جتان ويهي اٿارٽي انتظاميا سنڌ سرڪار سان  ملازمن جي مقررين ۽  بدلين جا آرڊر خاص طور تي  17 هين گريڊ کان ھيٺ جي ملازمن جا سنڌي ۽ اردو ۾ جاري ڪري.  ڪراچي جي خانگي ۽ سرڪاري اسڪولن جي انتظاميا سان ٻولين ۾ سھڪار لاءِ وقت بوقت رابطاڪاري جا پروگرام ترتيب ڏنا وڃن ، سنڌ اسيمبلي جي ڪارروائي سنڌي ۾ ھلائڻ لاءِ به خط لکيو وڃي ته جيئن ٽي وي تي ويھي قمبر شھداڪوٽ، ميھڙ، سيتا ننڍي، نبي سر روڊ، بدين يا اڇڙي ٿر جو ماڻهو به پنهنجي تڪ جي چونڊيل نمائندي جي ڳالهه سمجھي سگھي ته ھن سندس تڪ جي ڪھڙن مسئلن کي اٿاريو آھي، ۽ جيڪا قانونسازي ٿي آھي انھي جو کيس ڪھڙو فائدو ٿيندو.  نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي انتظاميا کي خط لکي ڪلوميٽر وارو بورڊ سنڌي ۾ لکرائي، ان سان گڏ اسين بطور سنڌي شهري پاڻمرادو به انهي مهم جو حصو بڻجي پنهنجي پنهنجي حصي  جو ڪردار ادا ڪريون ته جيئن اسان جي ٻولي کي درپيش چئلينج ختم ٿي سگهن.