پارليامينٽ يا ان جي ڪنهن به ڪميٽي جي توهين ڪرڻ تي سزا هوندي: قومي اسيمبلي ۾ بل منظور

0
253
قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي احتجاج دوران 7 آرڊيننس جي مدي ۾ 120 ڏينهن جي واڌ جو ٺهراءُ منظور
قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي احتجاج دوران 7 آرڊيننس جي مدي ۾ 120 ڏينهن جي واڌ جو ٺهراءُ منظور

اسلام آباد: قومي اسيمبلي توهينِ پارليامينٽ بل 2023 جي متفقه طور منظوري ڏئي ڇڏي آهي، بل ۾ چيوويو آهي ته پارليامينٽ يا ان جي ڪنهن به ڪميٽي جي توهين ڪرڻ تي سزا هوندي

قاعدن ۽ ضابطن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين راڻا محمد قاسم نون بل پيش ڪيو، بل ۾ چيو ويو آهي ته پارليامينٽ يا ان جي ڪنهن به ڪميٽيءَ جو استحقاق مجروح ڪرڻ تي هاڻي سزا ملندي

 تعليم واري وزير راڻا تنوير چيو ته پارليامينٽ سپريم ادارو آهي پر هتي جيڪو به ڪم ٿئي ٿو ان کي روڪيو وڃي ٿو، هر اداري جي توهين خلاف ڪو نه ڪو قانون آهي، پارليامينٽ جي توهين روڪڻ بابت ڪو به قانون نه هو، هن معاملي تي قانونسازي وقت جي اهم ضرورت هئي

هي به پڙهندا

اسان وٽ فائرنگ ۾ ايجنسيز جي اهلڪارن جي ملوث هُجڻ جا ثبوت آهن: پي ٽي آءِ