اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي دفاع بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽين سوڌو ڪشمير بابت  پارلياماني ڪاميٽي جا مجموعي  طور تي 58  ميمبر  اڄ پاڪ فوج جي هيڊڪواٽر جي ايچ ڪيو جو دورو ڪندا، جتي کين افغانستان جي موجوده صورتحال، قومي سلامتي سوڌو والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي، ذريعن مطابق بريفنگ بعد دوري تي ويندڙ 58 چونڊيل نمائندن سان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي تفصيلي ملاقات ٿيڻ جو به امڪان آھي، ملڪي ويجهي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٽن ڪاميٽين جا چيئرمين ميمبرن سان گڏجي جي ايچ ڪيو بريفنگ لاءِ وڃي رهيا آھن، قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ جي دفاع ڪاميٽي پاران جاري ڪيل ڌار ڌار اجلاس بابت نوٽيس يا اطلاع ۾ چيو ويو آھي ته ڪاميٽي ميمبر اڄ صبح سوا اٺين وڳي جي ايچ ڪيو لاءِ روانا ٿيندا، جي ايچ ڪيو ۾ ڪاميٽي کي ساڍي نائين وڳي باضابط بريفنگ ڏني ويندي، جي ايچ ڪيو جي دوري تي ويندڙ قومي اسيمبلي جي دفاع ڪاميٽي جو چيئرمين امجد علي خان سيميت 20 ميمبر شامل آهن جن ۾ طاهر صادق، فرخ الطاف، سيد فيض الحسن، اورنگزيب کچي، جميل احمد خان، عطاء الله، ڪنول شهزب، رميش ڪمار وڪواڻي، خالد مقبول صديقي، روبيه عرفان، برجيس طاهر، رياض الحق، محمد خان ڏاها، عالم داد لاليڪا، رياض پيزاده، خورشيد جوڻيجو، آفتاب شعبان ميراڻي، عامر مگسي، صلاح الدين ايوبي شامل آھن جڏهن ته جي ايچ ڪيو دوري تي ويندڙ سينيٽ جي دفاع ڪاميٽي جا 13 ميمبر شامل آھن جن ۾ ڪاميٽي جو چيئرمين مشاهد حسين سيد، قائد ايوان شهزاد وسيم، انوارالحق ڪاڪڙ، اعظم نذير تارڙ، زرقا سحروردي، رخسانه زبيري، فيصل جاويد، هدايت الله، طلحه محمود، مشتاق احمد، وليد اقبال، پلواشا خان شامل آھن جڏهن ته جي ايچ ڪيو جي دوري تي ويندڙ ڪشمير بابت پارلياماني ڪاميٽي جا  28 ميمبر شامل آھن جن ۾ ڪشمير ڪاميٽي جو چيئرمين شهريار آفريدي ، امجد فاروق کوسا، اڪرم چيما، ثناءَ الله مستي خيل، مخدوم باسط سلطان، ثوبيا ڪمال خان، نزهت پٺاڻ، عاصه قدير، غزاله شفيع، عضمي رياض، نورين فاروق خان، خرم دستگير خان، شيخ روحيل اصغر، چوڌري عابد رضا، نثار چيمه، ڪرن عمران ڊار، زيب جعفر، راجه پرويز اشرف، افتخار احمد خان بابر، رفيق جمالي، محمد جمال الدين، سينيٽرن ۾ محسن عزيز، شيري رحمان، سرفراز بگٽي، فيصل سبزواري شامل آھن انهن ميمبرن سان گڏ دفاع بابت قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ ڪاميٽين جو ايڪس آفيشو ميمبر هجڻ ناتي دفاع جو وزير پرويز خٽڪ به بريفنگ ۾ شريڪ ٿيندو مجموعي طور تي 58 ميمبرن کي جي ايچ ڪيو ۾ افغانستان جي صورتحال، ملڪ جي سڪيورٽي ۽ ڪشمير جي صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي ذريعن موجب ميمبرن جي آرمي چيف سان به ملاقات ٿيندي.