ڪراچي) نمائندن وٽان)  ملڪ ۾ ڪورونا 69 حياتيون کسي ورتيون، جڏهن ته 3909 نون ڪيس سامهون آيا، جنهن  بعد فعال ڪيس جو انگ وڌي 93504 ٿي ويو، ملڪ ۾ مثبت ڪيسن جي شرح 6.21 ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ 11  ۽  پشاور ۾ 10 سيڪڙو شرح رهي، ٻئي طرف اين سي او سي  ڪورونا ايس او پيز جو دائرو ملڪ جي 13 شهرن مان وڌائي 27 شهرن تائين  ڪري ڇڏيو، جن ۾ سنڌ جا 2 شهر ڪراچي ۽ حيدرآباد شامل آهن، انهن شهرن ۾  لازمي سروسز کانسواءِ سموريون واپاري سرگرميون رات 8 وڳي بند ڪيون وينديون، جڏهن ته هفتي ۾ 2 ڏينهن مارڪيٽون بند رهنديون، ريسٽورنٽس ۾ انڊور ڊائنگ ۽ انڊور شادي تقريبن تي مڪمل پابندي رهندي، درگاهون ، سينيما گهر ۽ واٽر پارڪ بند رهندا، جڏهن ته انهن شهرن ۾ واقع سرڪاري ۽ نجي آفيسن ۾ 50 سيڪڙو حاضري جي اجازت هوندي، تعليمي ادارن ۾ به 50 سيڪڙو حاضري جي اجازت هوندي.

 

ڪراچي( رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي ڊويزن ۽ حيدرآباد ضلعي ۾ ڪورونا لاڪ ڊائون ۾ 15 سيپٽمبر تائين واڌ،  سنڌ جي 22 ضلعن ۾ نرمي، ان ڏس ۾ سنڌ گھروکاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي جي  7 ضلعن ۾ جمعي ۽ آچر  ۽ حيدرآباد ضلعي ۾ ڇنڇر ۽ جمعي تي هفتي ۾ 2 ڏينهن ڪاروبار بند رھندو، ٻنهي  شهرن ۾ ڪاروباري سرگرميون رات جو 8 وڳي بند ٿي وينديون، جڏهن ته  صلعي جي باقي 22 ضلعن ۾ صرف جمعي تي ڪاروبار بند رھندو، عام ڏينھن ۾ رات 10 وڳي تائين ڪاروبار کليل رھندو. نوٽيفڪيشن حيدرآباد ڪراچي شهرن جي هوٽلن ۾ ان ڊور ڊائننگ تي پابندي برقرار رھندي، جڏهن ته آئوٽ ڊور ڊائننگ جي رات 10 وڳي تائين اجازت ھوندي، هوم ڊليوري 24 ڪلاڪ جاري رهندي ، ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنن ۾ ان ڊور شادي تقريبن تي پابندي ھوندي، آئوٽ ڊور شادي تقريبون رات 10 وڳي تائين ٿي سگھنديون، 300 مهمانن جي شرڪت جي اجازت ھوندي، صوبي جي ٻين ڊويزنن ۾ آئوٽ ڊور ۽ ان ڊور شادي تقريبن جي مشروط اجازت ھوندي، آئوٽ ڊور تقريبن ۾ 400 ۽ ان ڊور تقريب ۾ 200 کان وڌيڪ ماڻھو شرڪت  ڪري سگھندا، ڪراچي ۽ حيدرآباد ضلعي ۾ درگاھون بند رھنديون، باقي 22 ضلعن ۾شاھ عبدالطيف ڀٽائي، لعل شھباز قلندر، سچل سرمست، سمن سرڪار، صوفي شاھه عنايت شهيد، سخي ڄام ڏاتار جون درگاهون کلي وينديون، سڄي صوبي ۾ سينيمائن تي بندش رهندي، ان ڊور مذھبي سياسي، ثقافتي ۽ ميوزيڪل پروگرامن تي پابندي برقرار رھندي، رڳو آئوٽ ڊور پروگرامن جي مشروط اجازت ھوندي. نوٽيفڪيشن موجب ريل ۾ 70 سيڪڙو ويڪسينيٽڊ مسافر سفر ڪري سگھندا، نوٽيفڪيشن موجب رڳو ڪراچي ۽ حيدرآباد شهرن ۾ واٽر پارڪ ۽ سوئمنگ پول بند رھندا ۽ پبلڪ پارڪ کليل رھندا، ڪراٽي، باڪسنگ، مارشل آرٽس، ڪٻڊي ۽ ريسلنگ تي پابندي ھوندي،  ان ڊور جم تي ڪا به پابندي نه ھوندي. صوبي جي ٻين ڊويزنن ۾ واٽرپارڪ ۽ سوئمنگ پول ۽ پبلڪ پارڪ کليل رھندا،  سياحتي ماڳن تي رڳو ويڪسينيٽيڊ ماڻھو وڃي سگھن ٿا. ڪراچي ۽ حيدرآباد جي سرڪاري ۽ خانگي آفيسن ۾ 50 ۽ صوبي جي باقي 22 ضلعن ۾ 100 سيڪڙو ملازم حاضر هوندا،  نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ضلعي انتظاميا ڪورونا ڪيس وڌڻ تي مخصوص علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪري سگھي ٿي. ٻئي طرف سنڌ  ٽرانسپورٽ کاتي جي اختيارين مسافرن لاءِ نيون پابنديون لاڳو ڪيون آهن، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 15 سيپٽمبر کانپوءِ ڪورونا کان بچاءُ واري ويڪسين جو گهٽ ۾ گھٽ هڪ ڊوز نه لڳائيندڙ ماڻهن کي پبلڪ ٽرانسپورٽ، ٽيڪسي، ويگن ۽ اسٽاف ٽرانسپورٽ ۾ سفر جي اجازت نه ڏني ويندي. جڏهن ته 30 سيپٽمبر کانپوءِ تعليمي ادارن سان لاڳاپيل پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ بنا ويڪسين سفر تي پابندي هوندي، صوبائي وزير ٽرانسپورٽ اويس قادر شاھ جو چوڻ آهي ته 15 آڪٽوبر کانپوءِ موٽر وي تي بنا ويڪسين سفر تي پابندي هوندي