پارس شاھ ڪيس ۾ گرفتار جوابدار عدالت ۾ پيش

0
285

حيدرآباد: پارس شاھ قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار کي سانگهڙ پوليس حيدرآباد جي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو

پوليس موجب جوابدار اسرار شاه کي سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 9 جي عدالت ۾ رمانڊ لاءِ پيش ڪيو ويو آهي

پوليس  موجب سحر شاھ رضوي جي ڀاءُ پارس شاھ جو 7 مھينا اڳ پنھنجي قاسم آباد جي ڀٽائي ٽائون واري گھر مان 3 ڏينهن پراڻو لاش مليو هو

آءِ جي سنڌ پوليس پوليس غلام نبي ميمڻ ڄاڻايل جاچ ايس ايس پي سانگھڙ بشير احمد بروھي حوالي ڪئي هئي

پوليس موجب هاڻي اسان جو جاچ سان ڪو تعلق ناهي ڪيس لاڳاپيل ڪورٽ ۾ هليو پئي ان لاءِ انهن ئي جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو آهي

پارس شاھ جي قتل ۾ گرفتار جوابدار اسرار شاھ اعترافي بيان ڏيندي ڄاڻايو آهي ته کيس پارس جي زال فرزانه ۽ ان جي ڀاءُ جي چوڻ تي کيس مٿي ۾ ڌڪ هڻي قتل ڪيو