سنڌ جي هر ضلعي کي گهٽ ڳڻيو ويو: مراد علي شاهه پاران ڊجيٽل آدمشماري جا نتيجا نه قبولڻ جو اعلان

0
328
سنڌ ۾ ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي، 25000 پوليس اهلڪار ڀرتي ۽ ترقياتي بجيٽ جا 231 ارب جاري ڪرڻ جو حڪم
سنڌ ۾ ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي، 25000 پوليس اهلڪار ڀرتي ۽ ترقياتي بجيٽ جا 231 ارب جاري ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه اعلان ڪيو آهي ته سنڌ جي هر ضلعي کي گهٽ ڳڻيو ويو آهي، ڊجيٽل آدمشماري جي نتيجن کي قبول نه ڪنداسين

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير چيو ته وفاقي وزير احسن اقبال آڏو سنڌ ۾ گهٽ ڳڻپ ٿيڻ جا ثبوت رکيا، اسان ڪنهن جو ٿورو نه پر  برابري چاهيون ٿا، سنڌ جي 70 لک آبادي نه ڳڻي وئي آهي

هن چيو ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي به نه پيو ملي، سنڌ هن وقت پاڻيءَ جي 40 سيڪڙو کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، ايندڙ نسلن جي حقن تي ڪنهن کي به ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين،

مراد علي شاهه چيو ته سنڌ سرڪار ڀڃ ڊاهه ۾ ملوث وڳوڙين کي معاف نه ڪندي، سمورن شرپسندن کي گرفتار ڪري سزا ڏياري ويندي

هڪ سوال جي جواب ۾ مراد علي شاهه چيو ته پيپلز پارٽي جي ڪارڪردگي جي ڳالهه ئي نه ڪريو، اسان جي پارٽي ايڏا ڪم ڪيا آهن جو ڳڻڻ شروع ڪيا ته ڏينهن کُٽي ويندو پر ڪم ڪونه ڳڻي سگهبا