پابندي مڙھيل ٽي ايل پي جي سربراھه سعد رضوي جي آزادي جو حڪم جاري

0
591
آزادي جو حڪم جاري
پابندي مڙھيل ٽي ايل پي جي سربراھه سعد رضوي جي آزادي جو حڪم جاري

لاهور (م ڊ) ڪالعدم تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) سربراهه سعد رضوي جي آزادي جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. لاهور جي ڊپٽي ڪمشنر سعد رضوي جي آزادي جو حڪم ڏئي ڇڏيو،

ڊپٽي ڪمشنر جو اهو حڪم لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان سعد رضوي جي گرفتاري کي غير قانوني قرار ڏيڻ جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سامهون آيو آهي، جتي ٽي ايل پي سربراهه جي چاچي طرفان ان جي مسلسل قيد خلاف داخل درخواست کي منظور ڪيو ويو هو.

سعد رضوي کي پوليس 12 اپريل تي حراست ۾ ورتو هو، مٿس الزام هو ته هن پنهنجي ڪارڪنن کي قانون ٽوڙڻ لاءِ ڀڙڪايو، ڇو ته ٽي ايل پي سربراهه موجب حڪومت فرانسيسي سفير کي ڪڍڻ جو پنهنجو واعدو پورو نه ڪيو.

ڊپٽي ڪمشنر لاهور پنهنجي حڪم ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي پهرين آڪٽوبر جي فيصلي جو حوالو ڏيندي چيو ته آئون سعد رضوي جي بنا دير آزادي جي اجازت ڏيان ٿو.

ان کان اڳ پنجاب حڪومت سعد رضوي جي نظربندي ۾ واڌ جي درخواست واپس وٺي ڇڏي. ڪالعدم ٽي ايل پي سربراهه سعد رضوي جي نظربندي بابت درخواست تي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ جي جسٽس مقبول باقر جي سربراهي ۾ 3 رڪني وفاقي نظرثاني بورڊ ڪئي.

ٻڌڻي دوران پنجاب حڪومت سعد رضوي جي نظربندي ۾ واڌ جي درخواست واپس وٺي ڇڏي. وفاقي نظرثاني بورڊ حڪم ڏنو ته جيڪڏهن سعد رضوي ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ گهربل ناهي ته آزاد ڪيو وڃي.