ڪراچي: سٽي ڪورٽ جي مال خاني مان 40 لکن جون سوپاريون گم: ڪيس جو حڪم 

0
322
لکن جون سوپاريون گم
ڪراچي: سٽي ڪورٽ جي مال خاني مان 40 لکن جون سوپاريون گم: ڪيس جو حڪم 

ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي ) جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت سٽي ڪورٽ جي مال خاني مان 40 لکن جي ماليت جون 2 هزار ڪلو ( 20 ٻوريون ) سوپاريون گم ٿيڻ بابت عدالتي ناظر پاران رپورٽ پيش ڪرڻ تي لانڍي ٿاڻي جي ايس ايڇ او احمد خان نيازي، ايس آءِ او عبدالخالق مروت ۽ مال خاني جي انچارج تي ڪيس داخل ڪرڻ ۽ سندن خلاف محڪماڻي ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو،

ٻڌڻي دوران ناظر پاران پيش ڪيل ۾ رپورٽ انڪشاف ڪيو ويو ته مال خاني مان 2 هزار ڪلو سوپاريون گم  ٿيل آهن، سوپارين جي جاءِ تي 1400 ڪلو ڪچرو هٿ آيو آهي، جنهن تي عدالت پوليس اهلڪارن ۽ مال خاني جي انچارج خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ان موقعي تي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته مال خاني بابت ڪيس اينٽي ڪرپشن کي موڪليو ويو آهي، لانڍي ٿاڻي تي جوابدار تنوير ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪيو هو، سمورا جوابدار ضمانت تي آزاد آهن