ملڪ ۾ فوري طور شفاف چونڊون ڪرايون وڃن: شھباز شريف ۽ فصل الرحمان جو مطالبو

0
221
ملڪ ۾ فوري طور شفاف چونڊون ڪرايون وڃن: شھباز شريف ۽ فصل الرحمان جو مطالبو

لاهور (م ڊ) پي ڊي ايم ملڪ ۾ فوري طور شفاف چونڊن جو مطالبو ڪري ڇڏيو، مولانا فضل الرحمان ۽ شهبازشريف چيو آهي ته ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرايون وڃن، پاڪ فوج کي کي جيترو نقصان عمران خان پهچايو آهي، اوترو مودي به نه پهچائي سگهي ها.

جي يو آءِ ۽ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان نواز ليگ صدر شهبازشريف سان لاهور گهر پهچي ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال، اپوزيشن اتحاد پي ڊي ايم ۽ وڌندڙ مهانگائي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

شهبازشريف مولانا فضل الرحمان سان گڏ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ۾ ملڪي صورتحال ۽ پي ڊي ايم جي حوالي سان ڳالهايو، ملڪ ۾ بدترين صورتحال آهي، چيلهه ڀڃندڙ مهانگائي سان گڏو گڏ بجلي ۽ گيس بلن ۾ هر روز بم ڪيرايا پيا وڃن، اٽي ۽ کنڊ جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن، لکين ماڻهو بيروزگار آهن،

هن چيو ڊينگي تباهي مچائي ڇڏي آهي ۽ هن وقت اسپتالن ۾ مريضن لاءِ بسترا ناهن پر حڪومت مڪمل طور تي غفلت جي ننڊ ۾ آهي، آئون سمجهان ٿو ته ان کان بدترين صورتحال ڏسندڙ اکين ڪڏهن نه ڏٺي هوندي.

شهبازشريف چيو ته مولانا فضل الرحمان سان گفتگو ۾ مرڪزي نقطو اهو هو ته پي ڊي ايم سميت سمورين سياسي پارٽين ۽ عوام جو مطالبو آهي ته ملڪ ۾ فوري طور صاف ۽ شفاف اليڪشن ڪرائي وڃي، پاڪستان کي ترقي ۽ خوشحالي طرف وڃڻ جو اهو ئي واحد رستو آهي.

هن چيو ته ٻيهر اليڪشن سولو ڪم نه آهي، جان جوکي ۾ وجهڻ جو ڪم آهي، اسان کي ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي ۽ جماعتي ڪوششون ۽ صلاحيتون ڪتب آڻڻيون پونديون، جنهن کانپوءِ ئي اسان 2018ع کان اڳ واري صورتحال تي اچي سگهنداسين.

هن چيو ته ان عمل جو بنيادي ڏاڪو فوري طور شفاف چونڊون آهن، مولانا فضل الرحمان ۽ آئون ان تي متفق آهيون، اهو ئي پي ڊي ايم ۽ عوام جو مطالبو آهي.

ان موقعي تي مولانا فضل الرحمان چيو ته پي ڊي ايم پنهنجي هدفن ۽ مقصدن لاءِ سنجيده ۽ متحرڪ آهي،  16 آڪٽوبر تي فيصل آباد ۾ تاريخي اجتماع ٿيندو ۽ پوءِ 31 آڪٽوبر تي ڊيرا غازي خان ۾ وڏو جلسو ٿيندو، هن وقت عوام تي جيڪا حڪومت مڙهيل آهي، ان کان ڇوٽڪارو هر ماڻهو جي خواهش آهي، تنهنڪري فوري اليڪشن پاڪستان جي ضرورت آهي،

مولانا فضل الرحمان چيو ته سمورا ادارا تباهه ٿي چڪا آهن، هر صوبائي راڄڌاني ۾ جيڪي ملازم برطرف ڪيا ويا آهن، اسان انهن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا، هر طبقو هن وقت مشڪل حالت ۾ آهي، عام ماڻهو روز مرهه جون شيون خريدڻ جي قابل ناهن رهيا.

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان فوج جهڙي اداري کي طاقتور ۽ منظم ڏسڻ چاهيون ٿا ۽ ان کي اسان رياست ۽ ان جي دفاع جي ضرورت سمجهون ٿا پر اسانجي ان اداري کي مودي به ايترو نقصان نه پهچائي سگهي ها، جيترو نقصان عمران خان عظيم ۽ منظم اداري کي پهچايو آهي.

مولانا فضل الرحمان جي امڪاني لانگ مارچ ۾ ساٿ ڏيڻ جي حوالي سان سوال تي شهبازشريف چيو ته آئون پهرين ئي اعلان ڪري چڪو آهيان ته اسان کي مهانگائي خلاف هر صورت ۾ مارچ ڪرڻو آهي، پنهنجي سياسي ۽ قانون حق استعمال ڪندي هن حڪومت جو گهيراءُ ڪنداسين،

شهبازشريف چيو ته تاريخ پاڪ فوج جي قربانيون جي شاهد آهي، مودي ان اداري جي وقار کي نقصان پهچائڻ لاءِ اهو ڪم نه ڪري سگهيو جيڪو عمران خان نيازي ڪيو آهي، عمران جهڙي ريت نازڪ مسئلن کي هينڊل ڪيو آهي، اهو انتهائي افسوسناڪ آهي.

 

ملڪ ۾ فوري طور صاف ۽ شفاف چونڊن جي ضرورت آهي: فضل الرحمان