لاهور (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر اڳڪٿي ڪئي آهي ته هلندڙ سال ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ پاڪستان کٽيندو. هڪ انٽرويو ۾ شعيب اختر چيو ته دبئي جي ڪنڊيشن پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي لاءِ سازگار آهي، لڳي ٿو ته اهي ٻئي ٽيمون ئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون ۽ آمهون سامهون ٿينديون. هن وڌيڪ چيو ته منهنجي خيال ۾ فائنل ۾ پاڪستاني ٽيم ڀارت کي شڪست ڏئي ورلڊ ڪپ کٽيندي. واضح رهي ته ڪورونا وائرس جي ڪري ڀارت ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ گڏيل عرب امارتن ۾ منتقل ٿي ويو آهي.