ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي اُڀرندڙ فاسٽ بالر ۽ پاڪستان سپر ليگ سڪس جي هيرو شاهنواز ڏاهاڻي چيو آهي ته پاڪستاني ٽيم کي ورلڊ ڪپ کٽرائڻ جي خواهش آهي، ٽنهي فارميٽس ۾ پاڪستان جي نمائندگي جو خواهشمند آهيان. هڪ انٽرويو دوران شاهنواز ڏاهاڻي چيو ته وڪيٽ وٺڻ لاءِ سيلبريشن ڪارلوس بريٿ ويٽ سيکاري، هن چيو ته ٽيسٽ سيريز ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ پرعزم آهيان. واضح رهي ته شاهنواز ڏهاڻي ويسٽ انڊيز خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو، اڄ ٽيم ويسٽ انڊيز رواني ٿيندي، جڏهن ته زاهد محمود به پاڪستاني ٽيم جو حصو آهي. واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ ۾ شاهنواز ڏاهاڻي بهترين پرفارمنس ڏيکاري هئي.