ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ٽيڪس نه  ڏيندڙ گاڏين خلاف ڪريڪ ڊائون، 926 گاڏين جا ڪاغذ ضبط، 21 لک 69852 رپيا ٽيڪس وصول، ايڪسائيز پوليس طرفان شهر جي مختلف علائقن ۾ ٽيڪس نه ڏيندڙ گاڏين خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري 6837 گاڏيون چڪاسيون، 926 گاڏين جا ڪاغذ مختلف سببن  ڪري ضبط ڪيا ويا، جڏهن ته گاڏين جي مالڪن کان 21 لک 69 هزار 852 رپيا ٽيڪس وصول ڪيو ويو.