ٽوڪيو(اسپورٽس نيوز) اڳوڻو عالمي نمبر ون برطانيا جي اينڊي مري ٽوڪيو اولمپڪس جي مينز سنگلز ايونٽ تان هٿ کڻي ويو آهي. اينڊي مري ڄهنگ ۾ تڪليف سبب ايونٽ تان هٿ کنيو، اينڊ مري جو چوڻ آهي ته ايونٽ ڇڏڻ ڏکيو فيصلو هو، جنهن تي مايوسي به ٿي. هن چيو ته سنگلز نه کيڏندس، هاڻ فوڪس ڊبلز تي آهي.