دودو ڀيل قتل ڪيس: ڌرڻي دوران تشدد واقعي خلاف پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف درخواست داخل

0
276

مٺي ( رپورٽ:ممتاز نهڙيو) مٺي جي عدالت ۾ مقتول دودو ڀيل جي قتل خلاف وارثن پاران هنيل پرامن ڌرڻي تي پوليس تشدد، گرفتارين ۽ گرفتار اڳواڻن تي تشدد سان گڏ ڪپڙن کان آجو ڪري تذليل واريون وڊيوز رڪارڊ ڪرڻ جي الزام هيٺ ايس ايس پي، ڊي ايس پي، سي آءِ اي انچارچ ۽ 5 ايس ايچ اوز سميت هڪ سئو اهلڪارن مٿان ڪيس لاء درخواست داخل ڪرائي وئي آھي، جيڪا عدالت ٻڌڻ لاءِ منظور ڪندي ايس ايس پي سميت الزام هيٺ آيل پوليس آفيسرن کان 28 جولاء تي جواب طلب ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا آھن، ڌرڻي جي اڳواڻي ڪرڻ دوران گرفتار ڪيل اڳواڻ لجپت سوراڻي پاران ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مٺي جي عدالت ۾ 22__ a تحت داخل ڪرايل درخواست ۾ ايس ايس پي ٿرپارڪر حسن سردار نيازي کي مُک جوابدار طور ڄاڻايو ويو آھي ۽ ڊي ايس پي هارون رشيد سرائي ، ذوالفقار حيدري، مبارڪ راڄڙ ، قربان راڄڙ، ماجد قائمخاني، عبدالرزاق جمالي ۽ ايس ايڇ او امين جوڻيجو سميت هڪ سئو کن اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي گذارش ڪئي وئي، درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته سي آءِ اي انچارج ذوالفقار حيدري موڪل تي هجڻ باوجود ڌرڻي تي ڪاهه ڪري بيگناهه ڪارروائي ڪئي ۽ سي آء اي سينٽر کڻي ويو، جتي ايس ايس پي جي حڪم تي نياز ڍاٽي، ماجد ۽ ٻين اسان کي ڪپڙن کان آجو ڪري تشدد ڪيو، هن ڄاڻايو آھي ته پوليس اسلام ڪوٽ ڌرڻي تي بلاجواز چڙھائي ڪري فائرنگ، ۽ شيلنگ ڪرڻ سان گڏ وحشياڻون تشدد ڪيو ۽ اسانکي گرفتار ڪري سي آءِ اي سينٽر مٺي آندو جتي اسانکي ڪپڙن کان آجو ڪري تذليل ڪئي ويئي ۽ ايس ايس پي جي موجودگي ۾ اسانجي تذليل واريون وڍيوز رڪارڊ ڪري قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون، پوليس پاران ڪيل وحشيانيت قانوني طور ڏوه آھي جنهن جو پوليس مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي، عدالت سڳوري ايس ايس پي سميت درخواست ۾ جوابدار ڄاڻايل سمورن پوليس آفيسرن کان 28 جولاء تي جواب طلب ڪيو آھي ۽ کين نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آھن اهڙي درخواست داخل ڪرائڻ بعد لجپت سوراڻي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان دودو ڀيل جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي عبرت ناڪ سزا ڏيارڻ سان گڏ پرامن وارثن مٿان پوليس گردي ڪندڙ ايس ايس پي سردار حسن نيازي ۽ سندس پالتو ايس ايچ اوز ۽ انهن سمورن پوليس اهڪارن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻيندايسين جن دودو ڀيل جي وارثن تي وحشيانيت برپا ڪئي ۽ کين تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايو، هن چيو ته عدالتن مان انصاف جي اميد آھي عدالتون اسان مظلومن سان ضرور انصاف ڪنديون، اسان عالتي توڙي عوامي فورمن تي پنهنجو ڀرپور آواز بلند رکنداسين، انصاف لاءِ آخري حد تائين وينداسين..