ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ٽيسٽ اسڪواڊ جا ميمبر اڄ صبح ويسٽ انڊيز روانا ٿيندا، قومي ٽيسٽ اسڪواڊ جا 11 ميمبرز لنڊن رستي بارباڊوس پهچندا. 11 رانديگرن ۾ عابد علي، اظهر علي، فواد عالم، عمران بٽ، محمد عباس، نسيم شاهه، نعمان علي، ساجد خان، شاهنواز ڏاهاڻي، ياسر شاهه ۽ زاهد محمود شامل آهن. پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ 2 ٽيسٽ ميچز جي سيريز شيڊول آهي.