ٽوئيٽر ٽرينڊ جسٽس فار شاهد راهمون

0
157
ٽوئيٽر ٽرينڊ جسٽس فار شاهد راهمون

ڪراچي جي ڊفينس بخاري واري علائقي مان ٿر واسي پورهيت شاهد ولد واحد بخش راهمون جو هٿ پير ٻڌل لاش مليو، شاهد راهمون ڳوٺ جيسي جو پار جو هو، اهڙي واقعي خلاف سوشل ميڊيا تي ردعمل ڏيندي انصاف جو مطالبو ڪيو ويو، ٽوئيٽر تي جسٽس فار راشد راهمون ٽرينڊ هلايو ويو، الطاف مير، عبدالله سميجو، ڪمار نريش، مير حنيف راهمون، ڪلياڻ شنڪراڻي، سرتاج عزيز راهمون، طفيل احمد، عبدالستار عالماڻي، هاشم سيراڻي، علي محمد جناڻي، نعيم اختر، سيف نهڙيو، گل محمد نهڙيو، انجنيئر مير زمان راهمون، فاروق راهمون، شمس الدين رند، الطاف مير، عبدالحڪيم راهمون، ارباب معروف، نائلا وسيم، سرهاڻ سنڌو، عائشه خان، اختر علي، امتياز اڪبر راهمون، ڊاڪٽر وزير علي ڪالو، رفيق احمد، ارمان الهداد ڪنڀر، استاد راهي سومرو، علي نواز راهي، خالق راهمون، مشتاق حسين، امجد علي، وسند ٿري، اوشال کوسو، ايم صديق راهمون، مبين عالماڻي، افضل هاليپوٽو، ڊاڪٽر ماجد علي وساڻ، آغا طاهر ۽ ٻين ٽرينڊ ۾ حصو ورتو، ٽرينڊ ۾ چيو ويو ته هڪ ٻئي ٿر واسي پورهيت جو لاش ڏنو ويو آهي، اهو ڪراچي ۾ ڇو ٿي رهيو آهي، ڇو اسان پنهنجي پيارن جا لاش وصول ڪيون ٿا، اهو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي، ڪٿي آهي انصاف؟ ڪٿي آهي قانون؟ ڪٿي آهي رياست؟ واقعي جي اڻ ڌري جاچ ڪري ذميوارن خلاف قدم کنيو وڃي، شاهد راهمون سان انصاف ڪيو وڃي.