اشو آف دي ڊي قانون هٿيارن آڏو بيوس آهي: ڪنڌڪوٽ ۾ 5 ڄڻن کي پوليس يا ڪنهن ٻئي ماريو؟ سوشل ميڊيا تي بحث

0
183
اشو آف دي ڊي قانون هٿيارن آڏو بيوس آهي: ڪنڌڪوٽ ۾ 5 ڄڻن کي پوليس يا ڪنهن ٻئي ماريو؟ سوشل ميڊيا تي بحث

  ڪنڌڪوٽ پوليس پاران سبزوئي گينگ جي سربراهه ٽڪر سبزوئي سميت 5 ڄڻن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، اهڙي مامري جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون جنهن دوران بحث پڻ جاري رهيو، مختلف سوال اٿاريا ويا، ان سلسلي ۾ نديم جان مهر پوسٽ وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته ڪنڌڪوٽ/ڪشمور پوليس جي آپريشن ۾ ٽڪر سبزوئي ساٿين سميت مارڻ جي دعويٰ آپريشن واري جڳھه تي سوين ماڻهو پهچي ويا، پوليس اي پي سي چين کي اڳ ڏئي زبردستي لاشن کي لاهي گوليون هنيون ويون، ٻڌايو پيو وڃي ته موٽرسائيڪل سوار ۽ لاشن کي گوليون هڻندڙ چاچڙ برادري جا ماڻهو آهن. جنهن تي عابد حسين لکيو ته مارجي ويلن کي گوليون هڻن ٿا لڳي ٿو اهي به انهن وانگر آهن، حيرت آهي ته پوليس کان لاش به کسيا ويا پوءِ به پوليس چپ رهي؟،

نثار پنهور لکيو ته سنڌ سرڪار ۽ پوليس کي شرم اچڻ گهرجي، عبدالحق لکيو ته مهمان نواز پرامن سنڌي قوم جيستائين جاگيردارن جو خاتمو نه ڪندي تيستائين اهڙو سلسلو جاري رهندو، ڪريم خان بجاراڻي، نواب مهر، آغا عاطف دراني لکيو ته مارجي ويلن کي گوليون هڻڻ انسانيت جي توهين آهي، سليم لاکو لکيو ته اها رياست جي ڪمزوري آهي، سوجهرو لاشاري لکيو ته حڪمراني ڪندڙ انتهائي طاقتور طبقي پنھنجي سسٽم جي بقاءَ لاءِ ٺاھيل پاليسين جو نتيجو آهي جنھن عوام جي تعليم شعور اجتماعي سوچ ختم ڪري عوام کي جاھل گروھن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي عباسي مظفر لکيو ته ڪهڙي مخلوق آهي، اسان اڃا قبيلائي جهيڙن ۾ آهيون،  عمران علي مهيسر لکيو ته ايترا ماڻهو سنڌ جي ظلم خلاف هٿيار کڻي نڪرن، چونڊيل نمائندن کان پڇاڻو ڪن، ته سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙا به نه ٿين، علي حيدر کوسو لکيو ته انتظاميا تي افسوس آهي جو پوليس گاڏي مان لاهي گوليون هنيون ويون، انور الهيار لغاري لکيو ته پوليس تي افسوس ٿئي ٿو، علي خان سولنگي لکيو ته اهڙي حڪومت تي افسوس ٿئي ٿو،

بلاول لاکو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ امجد شيخ کي گٿا لفظ ڳالهائيندڙ ٽڪر سبزوئي فل فرائي ٿي ويو، ڪشمور ڪچي واري علائقي دراني مھر ۾ ٻڌڻ ۾ پيو اچي ڌاڙيل ٽڪرو سبزوئي ساٿين سميت مارجي ويو ڪنڌ ڪوٽ ايس ايس پي امجد شيخ جي دعوا ته پوليس آپريشن ڪري ماريا آھن پوءِ ھي ڪير آھن جيڪي مارجي ويلن کي  پوليس جي بڪتر بند گاڏي مان لاش ڪڍي برسٽ ھڻي رھيا آ ھن؟ قبيلائي تڪرار جي ور چڙھيل سنڌ ۽ ان ۾ پوليس جو ڪردار ان وڊيو مان ظاھر آهي. علي زرداري لکيو ته حڪومت کي اهڙن ماڻهن خلاف ايڪشن کڻڻ گهرجي، علي جان مهر وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته قانون جي سربراهي ۾ ٿيندڙ تماشو، جنهن تي ظفر علي بوزدار لکيو ته جنھن جا يارنھن يارنھن جوان ھڪ جڳهه تي ڪسجن، پوليس ڪجهه به نه ڪري، ڌاڙيل سرعام سوشل ميڊيا تي پوليس ۽ چاچڙ ذات جي ماڻهن کي ڌمڪيون ڏين پوءِ آخر انسان ڇا ڪري، پوليس ته صرف انعام لاءِ لاش کڻڻ وئي هئي،

ڪجهه مهينا اڳ چاچڙ ذات جا 12 ڄڻا ماريندڙ ٽڪر سبزوئي ساٿين سميت چاچڙ ذات جي ماڻهن هٿان مارجي ويو، عبدالباسط بلوچ لکيو ته قانون هٿيارن آڏو بيوس آهي، امتياز مستوئي لکيو ته ڊرامو آهي پوليس سڀ ڄاڻي ٿي، سيد غلام نبي شاهه لکيو ته پوليس ڪچي ۾ ڪڏهن به نه ويندي، نصير مهر لکيو ته ڏوهارين ۽ ڌاڙيلن جو خاتمو ٿيڻ گهرجي، عرفان علي چنا وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته ڪشمور لڳ ٽڪرو سبزوئي (ڌاڙيل) مٿان ايس ايس پي امجد شيخ جي اڳواڻي ۾ حملو، ٽڪرو سبزوئي ساٿين سميت مارجي ويو.حفيظ احمد لکيو ته هنن اهلڪارن کي ٻيا ڪيئن ڇڏي ويا؟.