مٽياري (رپورٽر) ٽنڊي ڄام مان مبينا طور اغوا ٿي ويل نينگري جي بازيابي لاءِ سندس وارث عورتون مٽياري عدالت پهچي ويون، عورتن مسمات دريا خاتون ۽ ٻين وڪيل معرفت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مٽياري جي عدالت ۾ 491 جي ڪارروائي لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن بعد عورتن پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي هنن الزام هڻندي چيو ته 12 ورهين جي نينگري ارباب منگواڻو کي 5 جوابدار اغوا ڪري کڻي ويا آهن، هنن چيو ته پوليس مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نينگري کي بازياب ڪرايو وڃي.