ميرپورخاص (ڪورٽ رپورٽ) ڪوڙي چيڪ ڪيس ۾ 2 سال سزا ھيٺ آيل جوابدار جي عدالت اپيل رد ڪري ڇڏي، سزا برقرار رکڻ جو فيصلو، ان ڏس ۾ 6 مھينا اڳ فرسٽ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت پاران جوابدار علي حيدر جوڻيجو کي 6 لک 20 ھزارن جي ڪوڙي چيڪ ڪيس ۾ 2 سال قيد جي سزا ڏني ھئي، جنھن بعد جوابدار انھي سزا خلاف فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ماڊل ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي، جنھن تي ٻڌڻي بعد عدالت جوابدار جي سزا برقرار رکي، جڏھن ته جوابدار ڪار جي سودي ڪرڻ بعد فريادي محمد جميل کي 6 لک 20 ھزارن جو ڪوڙو چيڪ ڏنو ھو ۽ ٽائون ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو ھو.