ٽنڊومستي (ن پ ا) ٽنڊومستي ڀرسان يوسي عطامحمد حامي جي ڳوٺ جمن شاھ ۾ بروهي برادري جي 3 ڳوٺاڻن غلام حسين بروهي، بهاول بروهي ۽ اڱڻ بروهي جي گهرن کي باھ لڳي وئي، نتيجي ۾ گهرن ۾ پيل اناج، هنڌ کٽون ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو، ان حوالي سان متاثر ڳوٺاڻن چيو ته خبر ناهي گهرن کي باهه ڪئين لڳي، سمورو سامان سڙي ويو آهي، کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي واهر ڪئي وڃي.