دوڙ (ن پ ا) دوڙ ڀرسان درگاھ صالح شاھ لڳ بجلي جي تارن مان چڻنگ ڪرڻ سبب ميهر خاصخيلي جي گهر کي باهه لڳي وئي، بروقت اطلاع ملڻ باوجود دوڙ ٽائون ڪميٽي جو فائر برگيڊ عملو ٽائيم تي نه پهچڻ ڪري گهر ۾ پيل سمورو سامان هنڌ، کٽون، بسترا، بکا، اناج ۽ ٻيو سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو، جنهن جي ڪري متاثر خاندان کليل آسمان هيٺ ويٺل آهي جن سرندي وارن کان مدد جي اپيل ڪئي آهي.