ٽنڊومحمدخان: ( رپورٽر )  سوشل ميڊيا تي پي پي اڳواڻ پاران ھمراھ کان نوڪريءَ بھاني تي پئسا گھرڻ واري آڊيو ليڪ ٿيڻ کان پوءِ پي پي اڳواڻ غلام نبي مگسي  ٽنڊومحمدخان پريس ڪلب ۾ پريس  ڪانفرنس ڪندي چيو ته جيڪا آڊيو سوشل ميڊيا تي مون خلاف ھلي رھي آھي اھا سراسر بي بنياد آهي اصل معاملو ھيئن آھي ته ڪجھه سال پھريان سجاول سان تعلق رکندڙ نالي نعيم ڀنڊ تعلقي بلڙي شاهه ڪريم جي مختلف ماڻھن کان نوڪريءَ بھاني تي ڪروڙين رپيا وصول ڪري فرار ٿي ويو ھو جنھن بعد اھڙي فرياد ھتي جي ماڻھن پاران سيد شفقت حسين شاھ شيرازيءَ کي ڏني وئي ھئي جنھن بعد ڪافي ڦريل ماڻھن کي سيد شفقت شاھ پئيسا واپس ڪرائي ڏنا ھئا جڏھن تہ مون مگسيءَ برادريءَ جي ڦريل ماڻھن کي پڻ ڪجھ پئيسا واپس ڪرائي ڏنا . جڏھن تہ پئيسن جو فراڊ ڪندڙ نعيم ڀنڊ خلاف احسان پالاري جي فرياد تي بلڙي شاهه ڪريم ٿاڻي تي ايف آئي آر پُڻ درج ٿيل آھي جنھن معاملي جو ڪيس ھن وقت ڪورٽ ۾ ھلندڙ آھي. ھن چيو تہ جيڪا آڊيو سوشل ميڊيا تي رکي وئي آهي ان ۾ مون ان کان پئيسا وٺڻ جي ڪا بہ ڳالھ ناھي. اھا مخالفن جي سازش آھي.