ٺل (ن پ ا) ٺل ۾ ڪارنهن جي الزام هيٺ آيل ناري پاران ڪارنهن جو الزام ڪوڙو قرار ڏيندي وارثن سميت احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان ڏس ۾  صدور آباد محلي جي رهواسڻ ناري مسمات سائرا خاتون،پنهنجي امڙ سوناري خاتون سميت ٻين عورتن رخسانمه، سبحانه، صائقان، صفيه سان گڏجي  رهبر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي متاثر ناري سائرا دانهيندي چيو ته منهنجي مڙس پنهنجي ڀائرن سان گڏجي مون مٿان ڪارنهن جو ڪوڙو الزام لڳائي 12 لک رپيا ورتا آهن، مونکي بيگناهه گهران ڪڍيو ويو آهي، مڙس منهنجي   کير پياڪ ٻارڙي زهران ٻرڙو کي به اغوا ڪري ويو آهي،  پريشان آهيان، هنن چيو ته پوليس دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.