ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ تعليم کاتي پاران پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي استادن جي ڀرتين لاءِ ورتل اين ٽي ايس  ۽ آءِ بي اي  ٽيسٽ پاس ڪندڙ  اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف ڪالهه الڳ الڳ مظاهرا ڪيا، پوليس عورتن سميت 70 کان مٿي اميدوارن کي گرفتار ڪري ورتو، ان ڏس ۾ اين ٽي ايس پاران 2013ع ۾ورتل ٽيسٽ ۾ 60 کان 98 مارڪون حاصل ڪندڙ اميدوارن ڪالهه به حبيب سنڌي جي اڳواڻي ۾ مظاهري بعد سي ايم هائوس ڏانهن مارچ جي ڪوشش ڪئي، پوليس کين ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ورتو، چڪرين  ۽ تشدد بعد پوليس عوامي جهموري پارٽي جي خاتون اڳواڻ نظير قريشي سميت 50 کان وڌيڪ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس  اميدوارن کي گرفتار ڪري ورتو، ٻئي طرف گذريل سال آءِ بي اي جي ٽيسٽ ۾ 33 کان 39 وچ ۾ مارڪون حاصل ڪندڙ پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽيز اميدوارن پريس ڪلب کان سنڌ اسيمبلي تائين مارچ ڪري ڌرڻو هنيو، جن مٿان  به  پوليس  مٿن ڪڙڪي پئي،ٽن عورتن سميت 20 کان وڌيڪ اميدوارن کي گهلي پوليس موبائيل ۾ وجهي آرام باغ  ٿاڻي منتقل ڪيو، احتجاج ڪندڙ اميدوارن جو چوڻ هو ته تعليم کاتي جون اختياريون هارڊ ايريا جي نالي ۾ 33 سيڪڙو مارڪون کڻندڙ  من پسندن کي نوڪريون ڏئي رهيون آهن پر کين آرڊر جاري نٿو ڪيو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته کين آفر آرڊر  جاري  ڪيا وڃن.