ڪشمور (رپورٽر)ڪشمور جي ڳوٺ وريو سولنگي جو رھواسي 10 سالن جو نينگر  محمد شافع ملڪ شهر جي جي موبائيل مارڪيٽ مان مبينا طور اغوا ٿي ويو، ان حوالي سان نينگر جي والد رضا محمد ملڪ ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي نينگر جي والد دانيهندي چيو ته منهنجي 10 ورھين جي پٽ شافع ملڪ 2 ننڍڙن ٻارڙن سان گڏجي سبزي وٺڻ لاءِ شهر ويو، موبائيل مارڪيٽ مان جوابدار کيس اغوا ڪري ويا آهن، هن چيو ته ڪنهن سان به دشمني ناهي، نوٽيس وٺي پٽ کي بازياب ڪرايو وڃي.