ٽنڊوغلام علي(ن پ ا) ٽنڊوغلام علي لڳ يوسي ٺاروڪوٽ جي ڳوٺ علي محمد بوزدار، سميت مختلف ڳوٺن ۾ جر جو پاڻي خراب ٿيڻ ڪري رهواسي پريشان آهن. ڳوٺاڻن حسيب الرحمان بوزدار، سرمد بوزدار، اورنگزيب بوزدار، پرويز بوزدار، طاھر بوزدار، ساحل بوزادر، بهاول بوزادر، اويس بوزدار ۽ ٻين ڳوٺاڻن صحافين اڳيان احتجاج ڪندي ٻڌايو ته تازين برساتن سبب جر جو پاڻي کارو ۽ بدبودار ٿيڻ ڪري مختلف چمڙي جي بيمارين ڪر کنيو آھي جنهن ۾ ڪينسر، ھيپاٽائيٽس ۽ گيسٽرو سميت ٻيون بيماريون پکڙجي رهيون آهن ڳوٺاڻن ٻڌايو ته مجبورن خراب پاڻي پيئڻون پوي ٿو. ھنن ٻڌايو ته مٺي پاڻي جي لاءِ پري پري وڃڻو پوي ٿو ھنن چيو ته پاڻي ھر انسان جو بنيادي حق آهي جيڪو اسان کي به ڏياريو وڃي، ڳوٺاڻن پ پ پ ايم اين اي مير غلام علي خان ٽالپر پ پ پ ايم پي اي مير الهبخش ٽالپر ڊي سي بدين ۽ ٻين اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آھي ته ڳوٺ ۾ واٽر سپلاءِ يا آر او پلانٽ اسڪيم ڏئي ڳوٺاڻن کي چمڙي ۽ پيٽ  جي موذي بيمارين کان بچايو وڃي.