ٺٽو /گھارو /  ميرپور ساڪرو(نمائندن وٽان) مڪاني چونڊن جي ويجھي ايندي ئي ٺٽي ۾ چونڊ وڙهندڙ اميدوارن جي چونڊ سرگرمين ۾ تيزي اچي وئي آهي هڪ ئي ڏينهن ۾ ضلعي جي مرڪزي شهرن ٺٽو، مڪلي، گھارو ۽ ساڪرو جي ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾چونڊ وڙهندڙ پ پ جي اميدوارن پ پ جي ضلعي جنرل سيڪريٽري امتياز احمد قريشي، تعلقي صدر عبدالحميد سومرو، تنوير شاھ شيرازي، منور هيلايو،  ڀورو سرڪي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مڪلي، گلمنڊا، فقير جو ڳوٺ، ڇتو چنڊ ، چليا ، ٻجورا ۽ ٺٽي شهر جي شيخ فريد چوڪ کان پريس ڪلب ٺٽي تائين ريليون ڪڍيون ويون. مختلف شهر ۾ گڏ ٿيل ميڙاڪن کي اڳواڻن پڻ خطاب ڪندي چيو ته 15 هين جنوري تي مڪاني چونڊن ۾ پ پ جي حامي اميدوارن جي عوامي ووٽن جي مدد سان فتح يقيني آهي. اڳواڻن مڪاني چونڊن ۾ حصي وٺندڙ پارٽي اميدوارن جي ڪاميابي لاءِ ووٽرن تي زور ڀريندي چيو ته پ پ جا نامزد اميدوار نه رڳو عوامي پارٽي پ پ سان تعلق رکندڙ آهن پر هو پنهنجن علائقن جي ترقياتي ڪمن ۾ پڻ دلچسپي وٺي هتان جي علائقي واسين جي خدمت م پڻ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندڙ آهن کين 15 جنوري تي ووٽ ڏئي سوڀارو ڪيو وڃي. هوڏانهن گھارو ، ساڪرو ۾ پڻ پ پ جي حامي اميدوارن جي ڪاميابي لاءِ عوامي ريليون ڪڍيون ويون. جڏهن ته ٺٽي جي ڪوهستاني پٽي واري يونين ڪائونسل جھمپير ، يو سي 7 ڀاڱي 4 ۽ جنگشاهي جي سيٽن تي چونڊ وڙهندڙ پ پ مخالف اميدوارن پاران پڻ پنهنجيون چونڊ سرگرميون تيز ڪيون ويون آهن  ان سلسلي ۾ ڪوھستان دوست پئنل جي آزاد اميدوارن چيئرمين يوسي جھمپير ڪوھستان ست ڀاڱي ھڪ عبدالرحمان چانگ، وائس چيئرمين مشڪور انور پالاري، ضلعي ڪائونسل جي ميمبر محبوب علي خاصخيلي انتخابي نشان غليل، اميدوار براء ڪائونسلر وارڊ نمبر 01 زاھد محمد بخش بروھي، ڪائونسلر وارڊ نمبر 02 ادريس آٿو ۽ ڪائونسلر وارڊ نمبر 04 لال بخش پالاري انتخابي نشان تالو آھي، پنھنجي تڪ ۾ سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون آهن. جن جھمپير ۾ مختلف ڳوٺن جو دورو ڪري ڪيو. اميدوارن ادريس اٿو، محبوب علي خاصخيلي، عبدالرحمان چانگ، مشڪور انور پالاري، زاھد محمد بخش بروھي ۽ لال بخش پالاري چيو ته ھنن سدائين ڪوھستان واسين جي حق لاء جدوجھد کي جاري ڪري کين پنھنجا حق ڏياريا اھن، ھنن چيو ته ڪوھستان واسين جا جائز مسئلا ۽ کين پنھنجا کسيل حق واپس وٺڻ لاءِ مڪامي اليڪشن ۾ حصو ورتو آھي، جيئن ڪاميابي ماڻي ھتان جي ڪوھستان واسين جا سمورا بنيادي مسئلا حل ڪرائي سگھون. ھنن ڪوھستان واسين کي اپيل ڪئي تہ کين 15 جنوري تي ٿيندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ پنھنجو قيمتي ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪندا.