کورواهه/ پيرو لاشاري(نمائندا) کورواھ ۾ جي يو آءِ جو جلسو ٿي گذريو، جنهن کي خطاب ڪندي راشد محمود سومرو چيو ته ملڪ تي ڌاڙيل حڪمرانن جي راڄ سبب ملڪ کوکلو ٿي پيو آهي مهنگائي سبب غريب ماڻھو اٽو خريد ڪري نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت هڪ ڪروڙ مڻ کان مٿي ڪڻڪ خريد ڪئي اها خبر ناهي ڪٿي آهي بدين سميت سڄي سڌ مان اربين روپين جو تيل ۽ گئس نڪري ٿو ان باوجود سنڌي ماڻھو اٽو وٺندي لتاڙجي مري ٿا وڃن ۽ ساري سنڌ ڀڙڀانگ لڳي پئي آھي هن وڌيڪ چيو ته جي يو آئي پورهيت ماڻھن جي حقن جي حاصلات لاء جدوجهد ڪري رهي آھي ۽ ڪندي رهندي جلسي کي مولانا فتح محمد مهيري مولانا سميع الحق سواتي عبدالواحد مڱريو ۽ ٻين خطاب ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته عوام دشمن پارٽين ڪيترائي سالن کان وٺي سنڌين جي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي سنڌ جي عوام ايندڙ اليڪشن ۾ انهن سڀني کي تاريخي شڪست ڏئي ڪتاب کي ڪامياب ڪندا ته جيئن اوهان جي حقن جي حق رسائي ٿيئي هن وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت سنڌ ۾ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي مهنگائي ڪري غريبن کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، ان موقعي تي مولانا محمد عيسا سمون، مولانا خان محمد پٺاڻ، مولانا حبيب الله خاصخيلي ۽ ٻين خطاب ڪيو،