گلاب لغاري (ن پ ا) گلاب لغاري ۾ بلدياتي اليڪشن جي سلسلي ۾ پيپلزپارٽي اميدوارن پاران ورڪ مھم جو آغاز شروع ڪري ڇڏيو ان ڏس۾ گلاب لغاري جي يوسي ماڻڪ لغاري تان پيپلزپارٽي جي  ٽڪيٽ تي اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ ضلح ڪائونسل ميمبر لاء زاھد بشير سريوال چيئرمين لاء تيمور سريوال وائيس چيئرمين لاء اجي ڪمار لوھاڻو پاران پنهنجي يوسي ۾ ورڪ مھم جو آغاز ڪري ڇڏيو انهيَ سلسلي ۾ ڳوٺ سارنگ لغاري ۾ پ پ اميدوارن جي مان ۾ حاجن خان سريوال ۽ اڳوڻي چيئرمين محبوب خان سريوال پاران  آجياڻو ڌنو ويو زاھد بشير سريوال ۽ تيمور سريوال کي بوسڪي جا پٽڪا ٻڌرايا ويا کين ڀرپور حمايت جو يقين پڻ ڏياريو ويو جڏهن ورڪ تي آيل سڀني ماڻهن کي اجرڪ جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا.