ٽنڊوالهيار(رپورٽر ) ٽنڊوالهيار شھر ۾ مبينا غير قانوني بس اڏن خلاف شهرين چمبڙ روڊ تي ٽائر ساڙي احتجاج ڪيو. پي ٽي آئي اڳواڻ فدا چوهاڻ آصف مغل ۔زيشان شيخ ۽ آفتاب ڪشميري جي اڳواڻي ۾ شھرين احتجاج ڪيو ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته غير قانوني بس اڏن ۽ هيوي ٽريفڪ جي داخلي سبب چمبڙ روڊ ۽ بڪيراروڊ تي اڪثر ٽريفڪ جام رهي ٿو جنهن ڪري وڏي پريشاني ئئي ٿي ٽريفڪ اهلڪارن ٽريفڪ تي ڪنٽرول ڪرڻ بدران اوڳاڙي ڪرڻ ۾ مصروف آهن ٽنڊوالهيار جي ضلعي انتظاميه ڪورٽ جي حڪم جي ڀنڃڪڙي ڪندي بس اڏا شهر کان ٻاهر نه ڪڍرايا آهن جنهن ڪري شهري تڪليفن جو شڪار آهن  ھنن مطالبو ڪيو ٽنڊوالهيار شهر ۾ داخل ٿيندڙ هيوي ٽريفڪ ۽ غيرقانوني بس اڏن کي شهر کان ٻاهر ڪيو وڃي.