لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ آپڪا طرفان ضلعي صدر رفيق جتوئي، منور  ڪلهوڙو، شير محمد شيخ، محمد فاروق ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊي اِي او آفيس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي.اڳواڻن چيو ته ادارن ۾ سياسي بدليون ڪري ملازمن ۽ ڪلارڪن کي هراسان ڪيو پيو وڃي، وڏي وزير ۽ لاڳاپيل کاتن جي صوبائي وزيرن توڙي سيڪريٽرين خاطريون به ڪرايون پر ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي.مطالبا تسليم نه ٿيا ته  سمورن ادارن ۾ قلم ڇڏ هڙتال ۽ تالابندي ڪري روڊن تي نڪري احتجاج ڪرڻ سان گڏ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيدن جي مزارن اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.