ٽنڊوالهيار (رپورٽر ) ٽنڊوالهيار جي نصرپور روڊ تي پرڻيل عورت سڙي زخمي ٿي پئي آهي، ڀاء پاران ساهرن تي ساڙڻ جو الزام هنيو ويو آهي. ان ڏس ۾ 25 ورهين جي ارم خانزادي سڙي زخمي ٿي، سندس ڀاءُ علي رضا خانزادي الزام هڻندي چيو ته منهنجي ڀيڻ ارم جي 2 سال اڳ بابر خانزادي سان شادي ٿي هئي، جيڪو شروع کان مٿس ڪوڙا الزام هڻي تشدد ڪندو رهيو ڪجھ ڏينهن اڳ هن جي ساهرن هن مٿان تشدد ڪري هن جي ٻانهن به ڀڃي ڇڏي هئي، جڏهن ته هاڻي هنن منهنجي ڀيڻ کي ساڙي مارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڀيڻ جي سڙڻ کانپوءِ سندس ساهرن اسانکي 3 ڪلاڪن بعد ڄاڻ ڏني جيستائين هو تڙپندي رهي پوءِ اسان پهچي کيس حيدرآباد سول اسپتال کڻائي وياسين جتي ڊاڪٽرن حالت کڻتي جوڳي ٻڌائيندي سندس جسم 70 سيڪڙو سڙڻ جو ٻڌايو آهي. واقع جو اطلاع ٽنڊوالهيار جي وومين ٿاڻي تي ڏنو آهي پوليس ميڊيڪل ليٽر ڏئي اسانکي روانو ڪري ڇڏيو آهي. رابطو ڪرڻ وومين پوليس ٻڌايو ته سڙي زخمي ٿيندڙ عورت اهو بيان ڏنو آهي ته مونکي منهنجي سس ۽ نڻان گهر ۾ باھ ڏئي ساڙيو آهي جن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.