احمدپور: عورت اغوا ڪيس ۾ گرفتار جوابدار هٿڪڙين سوڌو فرار

0
230

احمدپور (ن پ ا) وڏا مهيسر ٿاڻي تان عورت جي اغوا ڪيس ۾ گرفتار جوابدار مبينا طور فرار ٿي ويو، جنهن بعد اهلڪارن ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي، سيما مھيسر جي اغوا ڪيس ۾ گرفتار عامر چنو ھٿڪڙين سميت ٿاڻي تان مبينا طور فرار ٿي ويو، جنهن جي ڳولا جاري آهي، پر پوليس طرفان ڪجهه به نه پيو ٻڌايو وڃي، جڏهن ته علائقي ۾ چوٻول آهن ته سيما مهيسر جي اغوا ڪيس ۾ 5 ڏينهن اڳ جوابدار عامر چنو کي وڏا مهيسر پوليس گرفتار ڪيو هو..