ٽنڊو ڄام (ن پ ا) ٽنڊو ڄام لڳ ڳوٺ بچل زنئور ۾ مگسي ۽ زنئور برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪبوترن جي بازي تان جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران لٺيون لڳڻ سبب زنئور برادري جا آفاق ۽ نعيم زنئور سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف زنئور برادري پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ حيدرآباد_ ميرپورخاص روڊ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي مظاهرين الزام هڻندي چيو ته جوابدارن بيگناهه حملو ڪري اسان جا ماڻهو زخمي ڪيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، هوڏانهن پوليس ڌرڻي واري هنڌ پهچي ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو، جڏهن ته پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي مگسي برادري جي ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.