پريالوءِ (ن پ ا) پريالوءِ اسپتال ڪالوني جي رھواسڻ ناري صديقه ڌيءُ عيسيٰ عمراڻي اغوا ٿي وئي. عيسي عمراڻي پريالوءِ ٿاڻي تي پھچي ڪيس داخل ڪرائيندي پوليس کي ٻڌايو ته عيد واري ڏينھن ڌيءُ صديقه عمراڻي کي راجا شيخ ولد قلندر بخش شيخ اغوا ڪري ويو آھي.پوليس ناري جي پيءُ جي فرياد تي راجا شيخ ولد قلندر بخش شيخ، سليم شيخ، غوث بخش شيخ، رمضان شيخ، فيصل شيخ ۽ ھڪ نامعلوم سميت 6 ماڻھن مٿان ڪيس داخل ڪري ورتو.ذريعن وٽان ڄاڻ ملي آھي ته ناري عدالتي پرڻو ڪرڻ لاءِ راجا شيخ سان نڪري وئي آھي. ٻي پاسي چوٻول آھن ته عمراڻي برادري جي ماڻھن پلاند ۾ راجا شيخ جي امڙ نظيرا شيخ کي کڻي پنھنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏيو آھي ۽ ناري صديقه عمراڻي جي واپس اچڻ جي شرط تي آزاد ڪرڻ جو چيو آھي.ايس ايچ او پريالوءِ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ناري جي پيءُ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو آھي، جوابدار ڌر پنھنجا گھر خالي ڪري ھليا ويا آھن، راجا شيخ جي امڙ جي اغوا بابت اسان کي ڪو به اطلاع نه مليو آھي.