ٽنڊومستي (ن پ ا) ٽنڊو مستي ٿاڻي جي قومي شاھراھ دعا چوڪ وٽ ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب موٽرسائيڪل سوار لکي غلام شاھ جي ڳوٺ جعفرخان شيخ واسي 40 ورهين جو منٺار علي عرف منظور پٽ مهراب شيخ ٽرالر هيٺيان اچي چيڀاٽجي ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏھن ته ساڻس گڏ چار ٻار شديد زخمي ٿي پيا، جن کي مقامي ماڻھن کڻائي گمس اسپتال گمبٽ آندو، جتي هڪ ٻار 11 ورهين جو احسان علي پٽ منٺار علي شيخ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جڏھن ته ٻين زخمين ۾ 7 ورهين جي ڌيءُ گُلان، 15 ورهين جي ڌيءُ ويجهر ۽ 8 ورهين جو پٽ غلام نبي شامل آھن،ھوڏانهن پوليس ڊرائيور ۽ ان جي عملي کي گرفتار ڪري ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو،لاشن کي کڻائي خيرپور اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ ٻڌايو پئي ويو ته فوتي پنهنجي ڳوٺ کان موٽرسائيڪل تي پنهنجي اولاد سان عزيرن جي شادي ۾ شرڪت لاءِ راڻي پور وڃي رهيو هو ته حادثو پيش آيو.