ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهھ چيو آھي تھ ايندڙ سالياني ترقياتي پروگرام ۾ وبائي مرضن، معيشت جي بحالي، غربت جي خاتمي ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ بابت اسڪيمون شروع ڪيون وينديون. ڪالهه وزيراعليٰ ھائوس ۾ ايندڙ مالي سال 22-2021ع جي ترقياتي پروگرام (اي ڊي پي) کي آخري شڪل ڏيڻ واري اجلاس جي صدارت ڪندي وڏي وزير چيو ته جن کاتن کي 100 سيڪڙو فنڊ ڏنا ويا آھن اهي ھلندڙ رٿائون مڪمل ڪن. جن رٿائن تي 50 سيڪڙو فنڊ خرچ ڪيا ويا آھن انھن کي ايندڙ بجيٽ ۾ مڪمل ڪرڻ لاءِ ترجيح ڏني ويندي. ھن چيو ته اسان غربت کي ختم ڪرڻ لاءِ معاشرتي ترقياتي پروگرام شروع ڪنداسين ۽ ننڍن واپارين کي واپار جي بحاليءَ لاءِ رليف ڏنو ويندو. ايندڙ بجيٽ ۾ ڪوويڊ-19 تي ضابطو آڻڻ بابت اسڪيمن کي اھميت ڏني ويندي. ڊويزنل ھيڊڪوارٽرز ۾ وبائي بيمارين جون اسپتال قائم ڪيون وينديون. سڄي سنڌ جي ماڻهن کي حفاظتي ويڪسين لڳائي ويندي. ھن چيو تھ تعليمي نظام جديد بڻائڻ لاءِ اسڪيمون شروع ڪنداسين تھ جيئن تعليمي سرگرميون بنا رنڊڪ جي جاري رهن. ٻھراڙين ۾ زراعت، ماھيگيري ۽ پالتو جانورن جي واڌ ويجھھ لاءِ اسڪيمون شروع ڪيون وينديون. وڏي وزير کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اسٽيوٽا جون 9، وومين ڊولپمينٽ جون 2، ثقافت ۽ سياحت کاتي جون 5، گھرو کاتي جون 14، ايس اينڊ جي اي ڊي جون 23، صنعت کاتي جون 2، لائيواسٽاڪ جون 7، فشريز جون 5، اقليتن جي ھڪ، ماس ٽرانزٽ جون 6، قانون ۽ پارليماني معاملن جون 8 ۽ راندين ۽ نوجوانن جي معاملن جو 3 جاري اسڪيمون آھن. وڏي وزير سمورن کاتن کي ھدايت ڪئي تھ ايندڙ مالي سال ۾ جاري اسڪيمن کي مڪمل ڪرڻ تي ڌيان ڏنو وڃي ٽرانسپورٽ کاتو ڪراچي ۾ بي آر ٽي اورنج، ييلو ۽ ريڊ لائنن جي تڪميل ۾ تيزي آڻي. سمورا کاتا پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ سان گڏجي ترقياتي اسڪيمن کي آخري شڪل ڏين .