ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم تعلقي جي 3 هزار برسات متاثر آبادگارن مان رڳو 1575 جا پئسا آيا، هزارين نالا لسٽ مان غائب، احتجاج، رپورٽ موجب ٽنڊو آدم تعلقي جي برسات متاثرن جي روينيو ۽ زراعت کاتي جي گڏيل سروي ۾ ساڍا 12 ايڪڙن وارن 3 هزار آبادگارن جا نالا  امداد لاءِ موڪليا ويا هئا پر سنڌ حڪومت جا رڳو 1575 جا پئسا آيا آھن، باقي هزارين آبادگارن جا نالا لسٽ ۾ شامل ئي ناهن ڪيا ويا، ان ڏس ۾ سنڌ پاڪ آبادگار فورم جي اڳواڻ محمد موسيٰ ساند، عقيل  ماڪوڙاڻي، جبل کوسو دانهيو آھي ته ٽنڊو آدم جو  سمورو تعلقو برساتن ۾ تباهه ٿيو، امدادي رقم ۾ گهٽ آبادگارن کي شامل ڪيو ويو، جيڪا ناانصافي آھي، هنن گهر ڪئي ته لسٽ ۾ سڀني برسات متاثرن کي شامل ڪيو وڃي.