جروار (ن پ ا) جروار ڀرسان پرائمري اسڪول چئن سالن کان بند پيل، ٻارن جو تعليمي مستقبل داءَ تي لڳي ويو. اسڪول کي استادن جي کوٽ ڄاڻائي بند ڪيو ويو. تفصيل موجب جروار ويجهو پرائمري اسڪول ڳوٺ حاجي محمد گبول کي تعليم کاتي جي عملدارن چار سال اڳ استادن جي کوٽ ڄاڻائي بند ڪري ڇڏيو. هوڏانهن شاگردن ۽ ڳوٺاڻن زاهد گبول، اعجاز گبول، ذوالفقارعلي ۽ ثناءُ الله قادري ٻڌايو ته پرائمري اسڪول حاجي محمد گبول استاد نه هجڻ ڪري چئن سالن کان بند پيل آھي. ھاءِ ڪورٽ به حڪم ڏنو آھي ته استاد مقرر ڪري اسڪول کوليا وڃن پر عدالتي حڪمن باوجود تعليم کاتي جا عملدارن هن مهل تائين استاد مقرر ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. هنن مطالبو ڪيو ته ڳوٺ حاجي محمد گبول جي پرائمري اسڪول ۾ استاد مقرر ڪري ٻارن جو تعليمي مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.