ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم لڳ عمراڻي ۽ خاصخيلي ۾ ڇڪتاڻ، عمراڻي برادريءَ جي گهر کي باهه، خاصخيلي ڌر تي الزام، ڌرين جا هڪ ٻئي خلاف مظاهرا، پاسبان پاران خاصخيلي ڌر جي حمايت ۾ بک هڙتال 37 ڏينهن به جاري. ٽنڊوآدم لڳ ڳوٺ بچل بوداڻي ۾ زمين جي مالڪي تان ٿيل خوني تڪرار جنهن ۾ خاصخيلي برادريءَ جا 2 نوجوان اياز خاصخيلي ۽ جمن خاصخيلي مارجي ويا هئا واقعي بعد ٻنهي ڌرين ۾ ٿيل تڪرار ۾ وڌيڪ شدت اچي ويو آهي. ڳوٺ گل مير عمراڻي ۾ گذريل رات دير سان رياض عمراڻي جي ڪچي گهر کي باهه لڳي وئي جنهن سبب ڪکائون گهر سڙي ويو، اطلاع ملڻ تي فائر برگيڊ پهچي باهه تي ڪنٽرول ڪيو. رياض عمراڻي تعلقي ٿاڻي تي پهچي خاصخيلي برادريءَ خلاف رپوٽ داخل ڪرائڻ چاهي پر پوليس رپوٽ داخل نه ڪئي، پوليس ذريعن موجب واقعو ڊرامو ٿو لڳي هٿ سان باھ لڳائي وئي آهي جنهن ۾ ڪوبه نقصان ناهي ٿيو، پوليس ڳوٺ ۾ عارضي پڪٽ قائم ڪري ورتي. جڏهن ته عمراڻي برادريءَ جي ماڻهن واقعي جو ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف پوليس پڪيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي رياض عمراڻي موجب ته واقعي ۾ خاصخيلي شامل آهن ڪيس داخل ڪيو وڃي ٻئي طرف خاصخيلي برادريءَ جي ماڻهن جي وڏي انگ پريس ڪلب آڏو ذوالفقار خاصخيلي ، امير خاصخيلي ، بچل خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ تعلقه پوليس ۽ عمراڻي برادريءَ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي ان موقعي تي ذوالفقار خاصخيلي ۽ ٻين دانهيو ته عمراڻي گهر خالي ڪري هٿ سان باھ ڏئي اسان تي ڪوڙو ڪيس مڙهڻ لاءِ هٿ ناٽ ڪيو آهي هنن چيو ته پوليس به ساڻن ٻٽ بڻيل آهي اسان کي تحفظ ڏنو وڃي جڏهن ته پاسبان ڊيموڪريٽڪ پارٽي پاران خاصخيلين جي حمايت ۾ 37 ڏينهن به ضلعي صدر سلطان خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال جاري رکي ان موقعي تي اڳواڻن سلطان خاصخيلي، شير محمد خاصخيلي ۽ ٻين دانهيو آهي ته قتل به خاصخيلي برادريءَ جا 2 نو جوان ٿيا آهن ۽ ڪوڙا ڪيس به انهن مٿان داخل ڪيا پيا وڃن هنن الزام مڙهيو ته جوابدار بااثر هجڻ ڪري پوليس به ساڻن ٻٽ بڻيل آهي هنن قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاريءَ جو مطالبو ڪيو ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌائڻ جو پڻ چتاءُ ڏنو آهي.