فريدآباد (ن پ ا) فريدآباد لڳ ڳوٺ چارو ۾ معصوم نينگري جو 50 ورھين جي شخص سان زبردستي شادي وارو مامرو نئون رخ اختيار ڪري ويو آهي، ڪنوار سونيا مڙس خالد ٻگھيو سان رضا خوشي سان شادي جو راضپو ظاھر ڪري ڇڏيو آهي، ڪنوار ۽ گھوٽ جو فوٽو ۽ نڪاھ نامو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي. ٻئي طرف ڪنوار جي والد پيار علي ٻگھيو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سوشل ميڊيا تي منهنجي ڌيءَ سونيا ٻگھيو جو ننڍڙي عمر جو فوٽو وائرل ڪري اسان کي بدنام ڪيو ويو، جيڪو انتھائي غلط عمل آهي. مون پنھنجي ڌيءَ سوني ٻگھيو جي شادي پنھنجي برادري جي نوجوان خالد ٻگھيو سان ڪئي آھي. ھن چيو ته منهنجي ڌيءَ سونيا ٻگھيو 20 سالن جي عمر جي آهي ۽ سندس مڙس خالد ٻگھيو به 30 سالن جي عمر جو آهي. پوليس سان تي بيگناهه ڪيس داخل ڪري ناانصافي ڪئي آهي. ھوڏانھن فريدآباد جي ايس ايچ او اشفاق منگي ٻڌايو ته سونيا ڪيس ۾ نامزد سونيا جي والد پيار علي ٻگھيو مڙس خالد ٻگھيو ۽ نڪاح پڙھائيندڙ مولوي غلام محمد ٻگھيو جي گرفتاري لاءِ چارو سميت ڪيترن ئي ھنڌن تي ڇاپاھنيا آهن، پر ڪيس ۾ نامزد ڪوبه جوابدار گرفتار نه ٿي سگھيو آهي. ھن چيو ته سونيا ۽ سندس ڪيل نڪاح نامي جون تصويرون سوشل ميڊيا ۾ وائرل ڪيون ويون آهن اصل حقيقت جوابدارن جي گرفتاري سان ئي سامهون اچي وينديون.