ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم لڳ مبينا مقابلو، هڪ ڄڻو زخمي حالت ۾ گرفتار. ان سلسلي ۾ سٽي ٿاڻي جي ايس ايچ او موجب لنجواڻي موڙ وٽ ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ڦورن گشتي موبائل تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن سبب موبائل کي نقصان پهتو، ان دوران پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڏوهاري غلام نبي هڪڙو کي پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب گرفتار ڦورو جي قبضي مان هڪ پستول ، گوليون ۽ 2 موٽر سائيڪلون هٿ آيون آهن. جڏهن ته سندس 3 ساٿي امير راهو ، حنيف راهو ۽ حيدر راهو فرار ٿي ويا . زخمي ڦورو کي تعلقي اسپتال مان طبي امداد کانپوءِ حيدر آباد نيو ويو پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڦورو سميت 4 ڄڻن تي سٽي ٿاڻي تي پوليس مقابلي، ڊيوٽي اٽڪاءَ، ناجائز ھٿيار رکڻ جي الزام هيٺ 3 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪري ڇڏيا. پوليس موجب گرفتار ڦورو مٿان مٽياري، سانگهڙ ۽ حيدر آباد ضلعن ۾ ڏوهي ڪاررواين جا ڪيترائي ڪيس داخل آهن.