دادو (رپورٽر) دادو ڀرسان مخدوم بلاول جي حد ۾ تيز رفتار ٽريڪٽر ڪلٽي ٿيڻ سبب 29 سالن جو نوجوان ڊرائيور ڪمال الدين پٽ محبوب ٽريڪٽر جي هيٺان اچي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي دادو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو پر هو زخمن جا سور نه سهي فوت ٿي ويو، سندس مڙھ ڳوٺ دوست محمد مري نيو ويو آهي.