مٺي (رپورٽر) سول اسپتال مٺي ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 5 ٻارڙا فوت ٿي ويا، رپورٽ موجب 7 مهينن جو مظفر ولد جمن جوُڻيجو، جڏهن ته هرچند، محمد سالار، علي حسن ۽ شاول لنجي جي تازن ڄاول ٻارڙن خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته سول اسپتال جي مختلف وارڊن ۾ 70 کان وڌيڪ ٻارڙا علاج هيٺ آهن، هوڏانهن ٿر ۾ هلندڙ مهيني فوتي ٻارن جو تعداد 8 ۽ هلندڙ سال ۾ تعداد 353 ٿي ويو آھي، جنهن جي صحت کاتي ٿرپارڪر پڻ تصديق ڪئي آھي.