حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد ۾ ٽرانسفارمر ڌماڪي جي وارثن سان انصاف نه ٿيو، مطالبن جي مڃتا لاءِ فوتين جي وارثن پاران احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ورتي، ڪالهه اولڊ ڪئمپس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، لطيف آباد يونٽ نمبر 8 جي اڪبري مسجد ڀرسان عيد جي ٻئي ڏهاڙي تي ٿيل بجلي ٽرانسفارمر ڌماڪي ۾ فوت ٿي ويل 10 شهرين ۽ زخمين جي وارثن حيسڪو پاران زخمين جو بهتر علاج نه ڪرائڻ ۽ فوت ٿيلن جي وارثن کي معاوضو ادا نه ڪرڻ خلاف اڪبري مسجد کان آٽو ڀان روڊ تائين ريلي ڪڍي مان جي اسپتال ڀرسان احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي. وارثن اڪرم قريشي، محمد خالد، نصير احمد، شرافت علي، بندو خان، محمد طارق ۽ ٻين چيو ته ٽرانسفامر ڌماڪي جا ذميوار حيسڪو جا اعليٰ آفيسر آهن جن خلاف 10 ڄڻن جو قتل ڪيس داخل ڪري کين فوري طور گرفتار ڪيو وڃي. وارث عورتن روئيندي ٻڌايو ته حيسڪو انتظاميا جي نااهلي سبب سندن گهر اجڙي ويا آهن. ٻار يتيم ۽ عورتون بيواهه ٿي ويون آهن. هنن چيو ته زخمين توڙي فوتين جي گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال ڇانيل آهي. حيسڪو انتظاميا پاران زخمين جي علاج جو اعلان ڪندي مالي معاوضو ڏيڻ جو چيو ويو هو پر اڃا تائين حيسڪو پاران نه ئي زخمين جو علاج ڪرايو پيو وڃي ۽ نه ئي وري فوتين جي وارثن کي ڪا امداد ملي سگهي آهي. زخمين جا وارث پنهنجي مدد پاڻ يا وري چندو ڪري پنهنجي پيارن جو علاج ڪرائڻ تي مجبور آهن. حيسڪو پاران فوتين جي وارثن لاءِ اعلانيل ساڍا 7 لک رپيا امداد کي هو رد ڪيون ٿا. مطالبو ڪيون ٿا ته ملازمن کي ملندڙ امداد جيتري رقم 45 لک رپيا ادا ڪئي وڃي. فوتين جي وارثن حيسڪو ملازمن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ قائم ٿيل آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪز يونين جي چئيرمين لطيف نظاماڻي ۽ اعظم خان کي ڏوراپو ڏنو ته انهن واقعي ۾ زخمي ٿيل حيسڪو ملازمن جي ڪراچي پهچي عيادت ڪئي پر سندن نوجوانن کان حال احوال به نه پڇيو. کيس شرم اچڻ گهرجي. کيس رڳو واقعي ۾ سڙي زخمي ٿيل حيسڪو ملازم عزيز آهن. هوڏانهن نيشنل هيومن رائيٽس پاڪستان پاران سهيل خان، عرفان اڪرم، محمد سعيد جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. هنن چيو ته وزيراعظم پاڪستان معاملي جو نوٽيس وٺي حيسڪو جي صارفين دشمن پاليسن ۽ ڪرپشن جو نوٽيس وٺي سندن خلاف ڪارروائي کي يقيني بڻائي. ٻئي پاسي لطيف آباد يونٽ نمبر 8 ۾ بجلي ٽرانسفارمر کي لڳل باهه ۽ ڌماڪي بعد حيسڪو چيف ريحان حميد واقعي جي جاچ لاءِ 2 ڪميٽيون جوڙيون. هڪ ڪميٽي کي 24 ڪلاڪن دوران رپورٽ پيش ڪرڻ جو چيو ويو هو جڏهن ته ٻي ڪميٽي کي چئن ڏينهن اندر رپورٽ جمع ڪرائڻي هئي پر واقعي کي هفتو گذرڻ باوجود ڪميٽين اڃا رپورٽ پڌري ناهي ڪئي. حيسڪو ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڪميٽين جائزي وٺڻ بعد حيسڪو چيف کي آگاهي ڏني هئي ته واقعو ٽرانسفارمر ۾ خرابي ۽ حيسڪو ملازمن جي لاپرواهي سبب پيش آيو آهي، جنهن ڪري ڄاڻايل ڪميٽين جي رپورٽ کي منظر عام تي آڻڻ بدران لڪايو ويو آهي. حيسڪو ذريعن اهو به ٻڌايو ته نيپرا جي ٽيم کي ابتدائي طور متاثر ٽرانسفارمر نه ڏيکاريو ويو هو پر بعد ۾ ٽيم جي گهڻي اصرار کانپوءِ اسٽور روم ۾ پيل کين هڪ ٽرانسفارمر ڏيکاريو ويو هو پر ٽيم ان ٽرانسفارمر کي ڏسڻ دوران مطمئن نه هئي. واقعي بابت 4 ڪميٽيون جڙيل هئڻ باوجود اڃا تائين معاملو وائکو نه ٿيڻ تي شهري ڳڻتي ۾ مبتلا آهن. سندن چوڻ آهي ته ايڏو وڏو سانحو حيدرآباد ۾ ان کان اڳ برپا نه ٿيو پر ان باوجود سانحي کي معمولي سمجهي واقعي جا تفصيل لڪائڻ عوام سان ويساهه گهاتي هوندي ان لاءِ حيسڪو اختيارين کي گهرجي ته هو لاپرواهي جو مظاهرو ڪندڙ عملي کي وائکو ڪن ته جيئن کين قانون موجب سزائون ملي سگهن.