سوال/ سروي لاڪ ڊائون سان پورهيت طبقو متاثر ٿيندو، حڪومت احتياطي اپائن تي عمل ڪرائي ۽ رليف پيڪيج ڏئي: عوام

0
318

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڪورونا وائرس جي ڪري سنڌ ۾ 8 آگسٽ تائين لاڪ ڊائون جو فيصلو ويو آهي، روڊ تي ايندڙ شهرين جا ويڪسينيشن ڪارڊ چيڪ ڪيا ويندا، انٽر سٽي ٽرانسپورٽ بند هوندي، سڀئي بازارون بند رکڻ جو فيصلو، سرڪار ملازم 31 آگسٽ تائين ويڪسين نه ڪرائيندو ته پگهار نه ڏني ويندي، سنڌ سرڪار جي اهڙي فيصلي کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته حڪومت جي اهڙي فيصلي سان پورهيت طبقو گهڻو متاثر ٿيندو، حڪومت کي غريب عوام لاءِ رليف پيڪيج ڏيڻ گهرجي، ڪيترن ئي ماڻهن وٽ ڪورونا ويڪسينيشن ڪارڊ ناهي پر انهن ويڪسين ڪرائي آهي، انهن کي تنگ ڪرڻ بدران ميسيج تي فوري تصديق ڪئي وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي آفتاب لغاري لکيو ته ويڪسين ۽ احتياط ڪرڻ ھر ماڻهو لاءِ ضروري آهي، علي اڪبر لکيو ته سنڌ حڪومت توڙي وفاق ناڪام ٿي چڪو آهي، محمد سليمان ساند لکيو ته سنڌ سرڪار جي لاڪ ڊائون وارو فيصلو مزدور طبقي تي وڏو اثرانداز ٿيندو، جميل ڪلاتري لکيو ته سٺو فيصلو آھي، طارق باجڪاڻي لکيو ته مزدور طبقو متاثر ٿيندو، سجاد علي ڪٻر لکيو ته سٺو فيصلو آهي، غريبن جي به سار لڌي وڃي، آصف دل لکيو ته عوام پريشان ٿيندو، عبدالقيوم لنجو لکيو ته حڪومت سان سهڪار ڪرڻ گهرجي، نماڻو نوناري لکيو ته لاڪ ڊائون ڪري عوام کي پريشان ڪندا، جمال الدين چنا لکيو ته سنڌ حڪومت تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو ، ايم سليم ڪنڀر لکيو ته فيصلو عوام دشمن آهي، ڏهاڙي ڪمائيندڙ طبقو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏي ٿو، جاويد احمد لکيو ته حڪومت وبا ۾ عوام کي بچائي، محمد يونس لکيو ته ايتري سختي چين به ناھي ڪئي، مدثر حسين شر لکيو ته اسان ان ڳالهه کي نٿا مڃون، ارشاد سنڌي لکيو ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ايس او پيز ته عمل ڪرائي، جان محمد گاڏهي لکيو ته غلط فيصلو آهي، عرض محمد پيرزادو لکيو ته ويڪسين ڪرائي وڃي، امير نظاماڻي لکيو ته اهيو فيصلو جبر ۽ ڏاڍ وارو فيصلو آھي، پروين جمالي لکيو ته غلط فيصلو آهي، خادم گهراڻو لکيو ته وري لاڪ ڊائون لڳايو ويو آهي، ڪاروبار بند ڪيو ويو، ماڻهو ڪٿان پيسو آڻيندا ڇا کائيندا؟ويڪسين ڪارڊ جي اڃا ماڻهن کي خبر به نه آهي جنهن لاءِ ڌار آگاهي ڏني وڃي ۽ ڪائونٽر قائم ڪيا وڃن، ڪيترن ئي ماڻهن کي ڪارڊ ناهن مليا، محسن ملاح لکيو ته سرڪار کي فيصلي تي ٿوري نظر ثاني ڪرڻ گهرجي سختيون تمام گهڻيون ڪيون ويون آهن، مزدور طبقو متاثر ٿيندو، فضل لکيو ته لاڪ ڊائون تي عملدرآمد پوليس جي وس جي ڳالهه نه آهي ان لاءِ به وڏيرن، ڀورتارن ۽ سردارن کي ميدان تي لاٿو وڃي، خاموش خليل شر لکيو ته پورهيت طبقي لاءِ ڏکيائيون ٿينديون، نوابزاده والماڻي لکيو ته حڪومت غريب عوام کي رليف فنڊ ڏئي، عبدالرئوف ٻگهيو لکيو ته ماڻهن کي ويڪسين ملي ئي نٿي، اهو حڪومت جو حال آهي، ڪاشف حسين ڪنڀر لکيو ته سنڌ سرڪار بار بار لاڪ ڊائون پئي ڪري اهو غلط فيصلو آهي غريب ويچارا بک مري ويندا، نسيم لکيو ته اهو سڀ ڪجهه وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ کي سنڌ ۾ روڪڻ لاءِ آهي، شاهزيب گل وساڻ لکيو ته عوام دشمن فيصلو آهي سنڌ حڪومت روزگار ته ڪونه ٿي ڏي پر هاڻي جن کي روزگار آھي انهن کي به بيروزگار ڪرڻ جي ڪڍ پيل آھن، ظفر رند لکيو ته بهترين فيصلو آھي اسان ان جي حمايت ٿا ڪيون پر مارڪيٽس بند نه ٿيڻ گهرجن، اسد ماڇي لکيو ته غريب طبقو متاثر ٿيندو، ساحل ڪيريو لکيو ته سنڌحڪومت غريبن کي به گهر ماني پهچائي اچي، مڪيش ڪمار جئپال لکيو ته جيڪو ڪورونا وگهي نه پر بک وگھي مري ويندو، ڪليم الله ميمڻ لکيو ته ڏهاڙيءَ تي ڪمائيندڙ پورهيتن لاءِ سنڌ حڪومت جي ڇا پاليسي آهي؟ انهن جي ٻچن جو ڇا ٿيندو؟ شاهد ڏاهري لکيو ته غلط فيصلو آهي، نادر ابڙو لکيو ته ويڪسين جو سلسلو جاري آھي ته پوءِ لاڪ ڊائون ڇا جو؟ جنيد جمالي لکيو ته سنڌ سرڪار جو اهو فيصلو غلط آهي، فاروق احمد لکيو ته هاڻي ته ڪورونا ويڪسين به موجود آهي، غلام رسول راهمون، لياقت نهڙي، علي رضا، عرفان انصاري، محمد عرفان، منصور علي، غلام مصطفيٰ، رياض ڦلپوٽو، صدام راهمون، محمد رفيق خان، مبين اڄڻ، صديق پنهور، احمد الدين ٽڳڙ، منظور احمد، عبدالله ميراڻي، عبدالواحد عباسي، حبدار علي، گل رخ علي، جي ايم مگسي، عبدالشڪور سنجراڻي، رشيد گل خاصخيلي، راشد ڀرڳڙي، شنڪر باغي، مظهر گورچاڻي، شفقت کوسو، نادر جوڻيجو، جاني شيخ، ذوالفقار چانڊيو، سراج ٻانڀڻ، اياز کهاوڙ، گل محمد سومرو، عبدالحئي ساوند، محمد يعقوب بجير، حبيب الله عمراڻي، محمد چنيسر، روشن علي قادري سميجو، غلام مصطفيٰ، غلام حسين ڀٽي، عبدالنبي شر، طارق سهتو، سميع الرحمان، زاهد مهر، وڪرم مالهي، غلام محمد، زاهد مهر، ارشاد بهراڻي، بشير ميراڻي، ڪامران کٽي، فيض محمد، حبيب الله سومرو، سڪندر بلوچ، ايم اصغر سيراڻي، عاشق حسين، وقار حسين، عرفان پنهور، لالڏنو خاصخيلي، وسيم پنهور، اشرف جروار، اسد ماڇي، ڪامريڊ والماڻي، عبدالمجيد ٻٻر، حنيف امين بروهي، شفقت جروار، عزيزالله مهر، زاهد يوسفاڻي به پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو.