حيدرآباد: حيدرآباد جي عدالت ٽرانسفارمر ڌماڪي ڪيس ۾ گرفتار خانگي ڪمپني جي 3 ملازمن کي جديشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي. اي سيڪشن پوليس رمانڊ پورو ٿيڻ بعد جوابدار ارسلان رحماني، ماجد آرائين ۽ عاطف جٽ کي سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 11 جي عدالت ۾ پيش ڪيو. پوليس عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابدارن کان جاچ لاءِ وڌيڪ جسماني رمانڊ منظور ڪيو وڃي پر عدالت پوليس جي درخواست رد ڪندي ٽنهي جوابدارن کي 11 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏيندي پوليس کي ايندڙ ٻڌڻي تي چالان جمع ڪرائڻ جو پڻ حڪم ڏنو. 22 جولاءِ تي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس سرڪاري فرياد تي فوتي ملازم فيصل قريشي، سهيل رضوي، اسماعيل، سليم ۽ ابراهيم سميت 5 ڄڻن خلاف لاپرواهي جو ڪيس داخل ڪيو هو. پوليس ڄاڻايل ڪيس ۾ حيسڪو جي ڪنهن به ملازم کي اڃا تائين گرفتار نه ڪيو آهي.