ڪنب (ن پ ا) ٻٻر وڏا واسي پاڪ فوج جو جوان بلوچستان ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ شھيد، مڙهه ڳوٺ آڻڻ بعد فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. خبر موجب ڪنب لڳ ڳوٺ ٻٻر وڏا جو رهواسي پاڪ فوج جو جوان عطاءُ الله ٻٻر بلوچستان ۾ ڊيوٽيءَ دوران دهشتگردن جي حملي ۾ شھيد ٿي ويو، جنهن جو مڙھ اباڻي ڳوٺ ٻٻر وڏا آندو ويو. شھيد اهلڪار جي جنازي نماز ۾ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مرحوم جي مڙهه کي فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.